خيرپور (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم تي پي پي ايڇ آءِ جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ذيشان منگيءَ خلاف خيرپور ۾ شهيد آباد پاڙي جي رهواسي فضل الله شيخ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪرايل فرياد ۾ فريادي فضل الله شيخ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن پي پي ايڇ آءِ جي اڳوڻي ڊسٽرڪٽ مئنيجر ۽ هينئر پي پي ايڇ آءِ شڪارپور جي مئنيجر ذيشان منگيءَ کي ڀاڻيجي وقار احمد شيخ جي نوڪريءَ لاءِ 40 لک رپيا ڏنا هئا پر هن نوڪري ڪونه وٺرائي ڏني، جنهن کان پوءِ هو مسلسل آسرا ڏيندو رهيو، شڪارپور ۾ مقرريءَ بعد ڪيترائي ڀيرا اسان شڪارپور وڃي کانئس پئسن جي واپسيءَ جي گهر ڪئي، جنهن بعد هن 40 لک رپين جو چيڪ ڏنو، جيڪو پڻ جعلي ثابت ٿيو. واضح رهي ته ذيشان منگيءَ فضل الله شيخ کي جعلي چيڪ ڏيڻ کان پوءِ فضل الله شيخ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ سندس خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي ذيشان منگي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي، جنهن بعد عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي ذيشان منگي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.