سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ڪيٽل ڪالوني سميت سرڪاري زمين تي قبضن، جعلسازيءَ سان زمين پرائيويٽ ماڻھن کي الاٽ ڪرڻ توڙي ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور پاران نظر ثاني واري داخل درخواستن تي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي تي مشتمل ڊبل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي عدالت ايڪسئين آبپاشي فياض شاھ جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، جڏھن ته عدالت ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل جي معطلي خلاف نظرثاني واري درخواست تي اسٽي وارو آرڊر برقرار رکيو، عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مبين احمد جتوئي جي نظرثاني واري درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ محبوب علي وساڻ، مختيار ڪار، آبپاشي عملدار ۽ ڌرين جا وڪيل حق نواز ٽالپر، محفوظ اعواڻ ۽ واسطيدار پيش ٿيا. جنھن بعد عدالت درخواست جي ٻڌڻي 27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ايڪسئين آبپاشي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.