گهوٽڪي (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت ۾ شهري خورشيد احمد صديقي پنهنجي وڪيل ارشاد علي سومرو معرفت 34 لک رپين جا ڪوڙا چيڪ ڏيڻ واري درخواست داخل ڪرائي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي عدالت اهڙي داخل درخواست تي ٻڌڻي شروع ٿي ته ٻنهي ڌرين جي وڪيلن پيش ٿي پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ولي محمد لکڻ مٿان ڪوڙا چيڪ ڏيڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته ولي محمد لکڻ خورشيد احمد صديقي کي 17_ 17 لک جا 2 ڪوڙا چيڪ ڏنا هئا، جيڪي بئنڪ اڪائونٽ مان پاس نه ٿيا.