ميرپورخاص (ڪورٽ رپورٽ) نوجوان شادي خان ڪاڪڙ کير جي اگھن ۾ واڌ خلاف ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ ڪنزيومر پروٽيڪشن ايڪٽ تحت درخواست داخل ڪرائي جنھن ۾ ھن ڄاڻايو ته شھر جي مخلتف ڊيري فارم ۽ کير جي دڪانن تي کير 110 کان 120 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن ته سرڪاري
اگهه 100 رپيا ليٽر آھي، جنھن تي مسلسل مون اختيارين کي اگهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون پر انتظاميا ان تي نوٽيس نه ورتو، عدالت کي درخواست آھي ته کير جي اگھن تي ڪنٽرول ڪري لاڳاپيل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، اھڙي درخواست بعد عدالت ڊي سي ميرپورخاص، اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي ميرپورخاص، ڊپٽي ڊائريڪٽر پرائس ڪنٽرول ميرپورخاص ڊويزن ۽ مختيارڪار کي نوٽيس جاري ڪندي 22 اپريل تي ذاتي حيثيت ۾ يا اسٽيٽ مينٽ رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.