ڪورونا خطرناڪ:فيصلو ڪري ڇڏيو،وڌيڪ پابنديون لڳنديون: اسد عمر

0
468

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي حوالي سان وڌيڪ فيصلا ڪري ڇڏيا جن جو اعلان جمعي تي ڪنداسين ۽ وڌيڪ پابنديون وڌايون وينديون، اين سي او سي جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي سرح 13 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 14 سيڪڙو آهي، اسپتال ويندڙ مريضن جو تعداد 600 کان وڌيڪ ٿي ويو، ڪجهه مريضن کي آڪسيجن لڳائڻو پوي ٿو، اسد عمر چيو آهي ته آڪسيجن تي مريضن جو تعداد 4500 کان وڌي ويو، جون ۾ وبا جي پهرين لهر ۾ آڪسين ۾ ڪورونا جا مريض 3400 کان وڌيڪ هئا، يعني هن ڀيري 30 سيڪڙو وڌيڪ مريضن آڪسينجن تي آهن، هن چيو آهي ته اسان جو هلندڙ هفتو انتهائي خطرناڪ آهي، پاڪستان ۾ وبا جي شروعات کان هن وقت تائين هن هفتي ۾ فوتگين جو تعداد سڀ کان وڌيڪ آهي، ڪيترائي شهر اهڙا آهن جتي وينٽي لينٽرز جو استعمال 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي ويو، ملڪ ۾ جيڪا آڪسيجن ٺاهي ويندي آهي ان جو تعداد به لا تعداد نه آهي، ان جي ڪري اسان جي آڪسيجن جي سپلاءِ چين خطرناڪ حد تائين وڌندي نظر اچي رهي آهي، هن چيو آهي جيڪڏهن هن وبا جو زور فوري نه ٽوڙيو ته وڏا شهر بند ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو به رستو نه هوندو، صورتحال سفا سنگين آهي، سنجيدگي جي ضرورت آهي ۽ قوم کي اپيل ڪيان ٿو ته سنجيدگي ڏيکاري، جيڪڏهن قوم سنجيدگي ۽ تعاون ڪيو، انتظاميه ڪردار ادا ڪيو ته پوءِ اميد آهي ته قدم نه کڻڻا پون، نه ته وڏا شهر بند ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي..