ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلا ف بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ حڪومت سرگرم  ٿي وئي آهي، حڪومتي پارٽي جي اجلاس ۾ 16 ميمبر اچي ويا. ڪالهه بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي صدارت هيٺ پارٽي اڳاوڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي 24 مان 16 ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بي اعتمادي رٿ تي صحيح ڪندڙ ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.