اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينٽ جو ڌار ڌار اجلاس اڄ ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام  چار وڳي ٿيندو، اجلاس لاءِ 34 نقاطي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ مختلف بلن، ڪاميٽين جي رپورٽن جي پيش ڪرڻ سوڌو قومي اسيمبلي ۾ جي ڊي اي جي ميمبرن فهميدا مرزا ۽ غوث بخش مهر پاران 1991 جي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت اجلاس ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جو مامرو به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آھي. جڏهن ته سينٽ جو اجلاس به اڄ شام چار وڳي ٿيندو اجلاس لاءِ 62 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جن ۾ مختلف ميمبرن پاران ترميمي بل، قرادادون  پيش ڪرڻ سوڌو ٻيا مامرا شامل آھن.