بلاول جي بجيٽ تقرير سرڪاري ٽي وي تي سينسر ؟

0
236

قومي اسيمبلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير سرڪاري ٽي وي چينل تي سينسر ڪئي وئي؟ ان سلسلي ۾ عثمان غازي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پي ٽي وي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقريبن هڪ منٽ جي تقرير سينسر ڪئي جنهن ڪري نيوز چينل لڳ ڀڳ پنج منٽ جي تقرير نه ڏيکاري سگهيا، ڪنهن حڪومتي ميمبر جي خطاب دوران ايئن نه ٿيو، جنهن تي شازيا عطا مري ري ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته پ پ چيئرمين جي بجيٽ سيشن ۾ تقرير جو هڪ حصو سينسر ڪرڻ حڪومت جو هڪ افسوسناڪ طرز عمل آهي، پي ٽي وي پاڪستان جي عوام جي ٽيڪس مان هلندو آهي جنهن کي پي ٽي آءِ پنهنجي ذاتي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم اپوزيشن جي آوازن کي دٻائي معاشي ترقي جي ڪوڙين دعوائن کي سچ ثابت نٿو ڪري سگهي.