اعليٰ ايوان جو تقدس پامال ڪندڙ ڌريون!‎
هي آهي هن ملڪ جو مهذب ايوان، هي ڪيترا مهذب آهن، بجيٽ اجلاس دوران حڪومتي وزيرن ۽ ميمبرن طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ جي تقرير دوران اعليٰ ايوان جو تقدس پامال ڪيو ويو آهي، انهن لاءِ لفظن جي نه پر ھنن جي عملن مان ظاهر ٿي رهيو آهي. محترم رسول بخش پليجو صاحب چوندو هو ته هي ٿاڦيل ميمبر آهن، ھنن کي عوام نه چونڊيو آهي پر هي هن ملڪ جي عوام جي مٿي ۾ هنيا ويا آهن، واقعي هنن ۾ ڪي نسوار کپائيندا آهن ته ڪي زمينن تي قبضا ڪندا آهن، ڪي رٽائرڊ راشي ڪامورا آهن ته ڪي رت چوسيندڙ ڀوتار آهن. ڪي وري مذهبي مهندار آهن، هي هن ملڪ کي ڄورن جيان پٽي رهيا آهن، وري ھنن جا سرپرست به هنن کان ٻه هٿ مٿي آهن. هي روز عوام کي گاريون ڏيندا آهن، نياڻين جون لڄون لٽيندا آهن، وڏا وڏا ڏوهه ڪندا آهن، هنن ڪالھ هڪ ٻئي کي گاريون ڏنيون، بجيٽ جون ڪاپيون اڇلائيون، ذهني مريضن جيان هڪ ٻئي سان ورتاءُ ڪيو، منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي. مان ھنن کي روز ايئن ڏسڻ ٿو چاهيان، هنن جي عملن تي دنيا کلي رهي آهي ملڪ جو عوام به خوش آهي.
شفيق احمد ڪانڌڙو/حيدرآباد 
ھڪ خوبصورت ادارو ۽ ٻارن جو روشن مستقبل!
16 جون 2021ع ڏينهن صبح جو سوير اسان مولي ڏنو خاصخيلي هاءِ اسڪول مکڻ سمون تعلقو شجاع آباد ضلعي ميرپورخاص ۾ پنهنجي تر جي جاکوڙي استادن سائين حيسب ڪانهيو ۽ آتم مل سان گڏجي ڏسڻ جو موقعو مليو، هي اهو اسڪول آهي جتي ڪجهه مهينا اڳ سائنسي ميلو لڳايو ويو هو، جنهن ۾ شاگردن مختلف پراجيڪٽ ٺاهي ڏيکاريا هئا، اهو سڀ ڪجهه استاد سائين حنيف پنهور ۽ سائين اختر لغاري جن جي محنت ۽ ٻارن جي رهنمائي ڪرڻ تي حقيقي صورت ۾ نظر آيو. هي اسڪول سنڌ جي مثالي اسڪولن مان هڪ آهي، اسڪول جي ليب به ڏسڻ وٽان آهي ۽ گڏوگڏ ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ ٻار اڄ جي ڊجيٽل دور موجب تعليم پرائي رهيا آهن، ھتي نياڻون به ڇوڪرن (ڪو ايجوڪيشن) سان گڏ پڙهي رهيون آهن. اسڪول جون ڀتيون به نصيحت ڀرين نقطن سان سينگاريل آهن، مطلب ته هر هڪ شيءِ پنهنجي طريقي موجب آهي. مون محسوس ڪيو ته ھي ادارو ٻارن تي محنت ڪري ھڪ نه ھڪ ڏينهن رنگ لائيندو، بيشڪ هن اسڪول کي ترقي وٺرائڻ ۾ سائين حنيف پنهور ۽ سندس ٽيم جي سڀني استادن جي محنت شامل آهي. تعليم سان چاهه رکندڙ استادن ۽ سنڌ جي گهڻ گهرن کي اپيل آهي ته هو هن اسڪول جي وزٽ ضرور ڪن، سنڌ جي ترقي صرف ئي صرف تعليم ۾ آهي، تعليم بچايو سنڌ کي بچايو.
جيرامداس اٻوجھو/ميرپورخاص 
دنيا جا ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي ۾ اسان پوئتي پيا وڃو!
دادو ضلعو ۽ تعلقي جوهي جا ماروئڙا پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن، سڄي سنگت کي ھٿ ٻڌي عرض ڪنداسين ته مھرباني ڪري جوھي تعلقي واهي پانڌي ڪاڇي جي ڳوٺ پريو جمالي جي بنيادي مسئلن ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏيو، هن وقت به اسان جا مارو ماڻھو پاڻي لپ لاءِ پريشان آھن، اسان سڄو ڏينھن ھڪ ٻئي جي واکاڻ ۾لڳل آھيون، اسان ۽ اسان جا نوجوان ھڪ ٻئي سان وڙھڻ ۽ پاڻ ۾ نفرتون ڦھلائڻ سان اسان جي سياسي ماڻھن کي موقحو ملي ٿو، خدا جي واسطي ڀلائي جي ڪم لاءِ سڀ ھڪڙو آواز بڻجو، جنھن ۾ اسان ۽ اوھان عملي ڪم ڪري سگھون، ڪاڇي ۾ لاتعداد مسئلا آهن، علاج لاءِ اسپتالون ناهن، پيئڻ جو پاڻي صاف سٿرو ناهي جنهن لاءِ ماڻهو سخت پريشان آهن، گرلس اسڪول ناهن، گرلس ڪاليج ناهن، ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي پوءِ به ڪاڇي واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
سنڌ جي نياڻي ڌاڙيلن وٽ قيد!
اڳي ڌاڙيل نياڻي جو وڏو قدر ڪندا هئا، ان ڪري جڏهن ماڻهو سفر تي نڪرندا هئا ته پنهنجو قيمتي سامان جيڪا هنن سان گڏ عورت هوندي هئي ان کي ڏئي ڇڏيندا هئا ڇو جو ڌاڙيل ڪڏهن به ڪنهن عورت جي ويجهو نه ويندا ها ۽ جي ڪو عورت کان ڦر ڪري به ويندو هو ته ٻيو ٽولو هنن کي سزا ڏئي سامان موٽائي ڏئي ويندا هئا پر اڄ اها نياڻي مائي سچل ۽ ان جو مڙس هيڊ ڪانسٽبل محمد ابراهيم چڍڙ 24 ڏينهن کان پاڻ کي غيرتمند سنڌي سڏائيندڙ ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ۽ هنن مسڪينن جي وارثن کان 50 لک گهرن پيا، جتي ان نياڻي جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي وقت تي وقت پيو گهري ۽ هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو اٿس، سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي پر ايس ايس پي جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري، افسوس اهو آهي ته هن جو پنهنجو پوليس وارو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي تڏهن به تحرڪ نٿو وٺي. ضلعو گهوٽڪي هن وقت ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي آهي، جڏهن ته ڌاڙيل چاهين ته هتان ماڻهو اغوا ڪري ٿا وٺن، مغوي مائي سچل ۽ ان جو مڙس هيڊ ڪانسٽبل جي بازيابي لاءِ وارث ايس ايس پي مان نااميد ٿي اعليٰ ادارن کان مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، هوڏانهن مغوي آزاد ته ٺهيو پر ايس ايس پي آفيس مان ڪوارٽر خالي ڪرڻ لاءِ مغوين جي وارثن تي دٻاءُ وجهي اهو ڄاڻائڻ ٿا چاهين ته هو اغوا نه ٿيا آهن ۽ غير حاضري ٿا لڳائن جي قانون پاڻ بيساکي تي آهي ته عوام ڪيڏانهن وڃي ؟
علي حسن “احسن” چڍڙ/ ميرپورماٿيلو
هڪ چٺي بلاول ڀٽو زرداريءَ ڏانهن!
جيئن ته چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي بجيٽ کان اڳ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته جي مرڪز ۾ اسان جي حڪومت هجي ها ته اسان حاضر سروس ملازمن جي پگھارن ۾ 100 سيڪڙو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 150 سيڪڙو اضافو ڪيون ها پر افسوس جو سنڌ ۾ توهان جي حڪومت هوندي رٽائر ملازمن سان ناانصافي ڪئي وئي ۽ صرف 10 سيڪڙو پينشن وڌائي وئي، جڏهن ته حاضر سروس ملازمن گڏجي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو هو ته پگھارون ۽ پينشن وڌايون وڃن جن سان توهان واعدو ڪيو هو ته توهان سان انصاف ڪيو ويندو پر سنڌ جي بجيٽ ۾ رٽائرڊ ملازمن سان ناانصافي ڪئي وئي، جڏن ته اسان رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس به نٿي ڏني وڃي، توهان کي هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون ته اسان جي پينشن ۾ حاضر سروس ملازمن جي برابر ڪئي وڃي ۽ گروپ انشورنس پڻ ڏني وڃي جيئن اسان رٽائرڊ ملازم پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪري سگھون.
گلزار سهتو/ ڳوٺ بُدڪ، نوشهروفيروز
سال 22-2021ع جي عوام دشمن بجيٽ!
بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڏتڙيل عوام تي حڪومت کي ڪو به رحم نه آيو، سال22-2021ع جي بجيٽ پيش ڪري عوام رليف کان محروم ڪيو ويو آهي، غريب طبقو سخت پريشان آهي، باقي سرڪاري ملازمن توڙي پينشن ھولڊرز کي رليف ڏنو ويو آهي، جي سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي ته غراب عوام لاءِ ٻيو نه پر رڳو روز مرهه جي شين جھڙوڪ اٽو، گيهه، چانور، پيٽرول سميت مختلف شين ۾ ئي 20سيڪڙو رعايت ڪئي وڃي ها ته بهتر هو. حڪومت پاران پيش ڪيل سالياني بجيٽ کي ڏسندي ڏتڙيل، بکايل عوام جي دلين مان فقط ھي لفظ ٿا نڪرن ته: “پڇون آخر پڇون ڪنهن کان، اسان جو ڏوهه ڪھڙو آ” ڇا سرڪاري ملازم انسان ۽ غريب عوام ڪو نانگ آهي جو مٽيءَ تي گذارو ڪندو؟ سياڻن جي چوڻ آهي ته“ھر ٽاريءَ تي چٻ ويٺل آهن” جيڪو سواءِ پنهنجا بئنڪ بيلنس ڀرڻ جي ٻيو ڪو به ڪردار ادا نٿو ڪري، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪري عوام مٿان ھڪ ٻيو بم پڻ ڪيرايو ويو آهي، ٻين ملڪن جي حڪومت عوام کي ڏينهون ڏينهن اسمارٽ پرسن ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آهي ته ٻئي پاسي اسان جي ملڪي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو ڪري عوام کي 100 سال پوئتي ڌڪي رهي آهي، ھڪ دفعو ٻيھر شايد ڏاند گاڏين ڏانهن ڌڪي رھي آهي، حڪومت کي پرزول اپيل آهي ته غريب عوام سان انصاف ڪري رليف فراھم ڪيو وڃي .
زوھيب نظام تمراڻي/ڪنب
پيٽرول کي لڳي ويا پَر، مهانگائيءَ اجاڙي ڇڏيا گهر!‎
بجيٽ پيش ڪرڻ جا ڏينهن جيئن ئي ويجهو ايندا ويا ته مهانگائي جي ماريل عوام جي دل ۾ رليف ملڻ جي اڻ ڏٺي خوشي وراڪا کائڻ لڳي، پوءِ ٿيو ايئن جو عوام کي رليف بدران پيٽرول جون قيمتون وڌائي مٿن مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪيرايو ويو، اسان جي ملڪ ۾ غريب ماڻھو لاءِ جيئڻ ڄڻ “سمنڊ ۾ گهوڙا ڊوڙائڻ” برابر آھي، اسان جي حڪمرانن کي اها الائي ڪڏهن سمجھه ۾ ايندو ته ملڪ جو غريب عوام به هن رياست جو حصو آھي، جنهن شيءِ تي هڪ رپيو واڌ ٿئي ٿي ته اسان جي ملڪ جا سادڙا واپاري شين جو اگهه 10 رپيا وڌائي ڇڏين ٿا. ملڪ جي سرمائيدارن کي ڇا آھي ؟ قيامت ته ان ماڻھن مٿان ٿي گذري جيڪي هڪ ويلو کائي ته ٻئي ويلي لاءِ پريشان هوندو آھي، پيٽرول مهانگو ٿيڻ ڪري هر شيءِ مهانگائي ٿي وڃي ٿي. من مستي ۽ بليڪ تي شيون وڪرو ڪندڙ واپاري کان ٻيڻ تي مهانگي شيءِ وڪڻڻ بابت سوال ڪجي ٿو ته جواب ملي ٿو پيٽرول چڙھي ويو آھي، اسان کي شيءِ مٿان کان مهانگي ٿي ملي. ٽرانسپورٽرن جا اڃا الڳ نخرا، پڇجي ٿو ته ايترو ڪرايو؟ جواب ٿو ملي ته پيٽرول مهانگو ٿي ويو آھي، زمين ۾ هر هڻندڙ ٽريڪٽر مالڪ في ڪلاڪ 11 کان 12 سئو ٿو وٺي، سبب؟ پيٽرول مهانگو آ، عام واهپي جي شين کان ويندي هر شيءِ جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا. حڪومت جا عوام سان ڪيل واعدا ڄڻ ڦوڪڻي جيان ڦاٽي پيا، عوام وڃي ٿو ته ڪيڏانهن وڃي؟ مهانگائيءَ جو ايڏو بار عوام جي ڪمزور ڪلهن تي نه وجهو جو غريب عوام اٿي به نه سگهي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته پيٽرول جي وڌايل قيمتن تي نظرثاني ڪرڻ سان گڏ عام واهپي جي شين جي اگهن تي پڻ ڪنٽرول ڪرايو وڃي ته جيئن غريب طبقو به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن ٻچن کي ٻه ويلا سڪون جي ماني ته کارائي سگهي.
غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول
ڪلوئي شهر کي لائبريري گهرجي!‎
ڪنهن به معاشري جي خبر ان جي تعليم مان پوندي آهي، جيڪڏهن معاشرو تعليم يافتا آھي ته بلڪل ان سان گڏوگڏ اهو باشعور هوندو، ڪلوئي شهر لاءِ لائبريريءَ جي ضرورت آھي ڇو ته پڙھيل لکيل لائبريري نه هجڻ ڪري شام گهڻو وقت شھر جي هوٽلن تي ويهي پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪن ٿا، شھر جي لاءِ هڪ لائبريريءَ جي ضرورت آھي. ارباب لطف الله، سريندر ولاسائي ۽ سائين محمد خان لنڊ کي اپيل آھي، هي اوهان جو پنهنجو شھر انهيءَ لاءِ اسان کي هڪ لائبريري ڏياري وڃي جيئن اسان جا نوجوان ڪتابن جو مطالعو ڪن، پنهنجو قيمتي وقت فضول زيان نه ڪن هڪ باشعور شھري ٿين جيئن پنهنجي شھر جو نالو روشن ڪن ۽ اڄ جو نوجوان شعور جي روشني سان هن معاشري کي روشن ڪري سگهي، اميد ڪريان ٿو منهنجي چٺي جو قدر ڪندا ۽ ضرور غور ڪندا .
ابراهيم لنڊ/ڪلوئي شهر
هڪ احتجاج کان پوءِ ملڪ ۾ متل ٻڙڌڪ!‎
اختلاف راءِ، آزادي اظهار ۽ جائز حقن جي حاصلات لاءِ پرامن احتجاج سڀ جمهوريت جو حسن آهن پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته هتي موجود جمهوريت تمام بنيادي اصولن کان محروم آهي، تڏهن ته مٿين ٽن اصولن کي اختيار ڪندڙن کي غدار، غير ملڪي ايجنٽ ۽ دهشتگرد ڪوٺيو ويندو آهي، هڪ پرامن احتجاج جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي والار ۽ سنڌ کي ٻيو فلسطين بڻائڻ خلاف ڪڍيو ويو، تنهن پرامن احتجاج کي بدنام ڪرڻ لاءِ نفيس ماڻهن جي ٽولي بحريا جي مک گيٽ کي ڪيمڪل ذريعي باهه ڏئي پرامن احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان تعصبي ماڻهن جي ڪوشش کي عدم تشدد جي پيروڪارن ناڪام بڻائي ڇڏيو، هي ساڳو ڪيمڪل هو جنهن سان نفيس ماڻهن بلديا فيڪٽريءَ کي باهه ڏني هئي ۽ 3 سئو بيگناهه جيئرا ساڙيا هئا. اسان جي بدقسمتي اها آهي ته ملڪ ٺهڻ کان وٺي هتي ٻٽا معيار آهن، قانون ۽ آئين طاقتور لاءِ ڄڻ رف ڪاپي آهي، جيئن ۽ جڏهن وڻيس تيئن استعمال ڪري پر ڪنهن همت به ڪئي ته غير ملڪي ايجنٽ چئي کيس کنڀي گم ڪيو ويندو آهي، بقول فيض احمد فيض جي ته:
بولتے جو چند ہیں،
سبھی یہ شرپسند ہیں،
ان کی کھینچ لی زبان،
ان کا گھونٹ دو گلا۔
اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي کي رت سان رنڱيندڙ ڀتا نه ڏيڻ تي جيئرن انسانن کي ساڙيندڙ، 12 مئي تي سنڌين تي گوليون وسائيندڙ، آقائن جي هشي تي وڪيلن کي چيمبرن ۾ ساڙي ماريندڙ، اهي سڀ نفيس ماڻهو ٿي ويا، باقي جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ جي والار خلاف پرامن احتجاج ڪري اهو وڏو دهشتگرد آهي، انهن  کي زنجيرن ۾ جڪڙي دهشتگردن جيان پيش ڪيو وڃي ٿو، هزارين پرامن سنڌين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ سوين گرفتاريون ڪيون ويون، ايتري قدر جو هڪ پورهيت جنهن جو ڪم پينا فليڪس ٺاهڻ آهي، ان تي به ڪيس ڪيو ويو، اهو ان لاءِ ته هن “بحريا ٽائون جي والار نامنظور” جهڙا پينا فليڪس ڇو ٺاهيا! ايڏو ٻڙڌڪ ته ضياءُالحق جي دور ۾ به نه متو هو جيڏو پ پ پ حڪومت وارن سامراجي ملڪ رياض جي ونگار وهندي سنڌي ماڻهن خلاف مچايو آهي. تنهن ڪري اسين سنڌ واسي پ پ پ حڪومت جي تعصباڻي رويي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته هاڻ اوهان جي ٻٽي معيار کي سنڌ واسين سڃاڻي ورتو آهي تنهن ڪري عقل کان ڪم وٺو ان ۾ اوهان جي بهتري آهي .
غلام الله گاڏهي /نصيرآباد
مظلوم قيديءَ جو آوزا ۽ آخري سنوائي!
(حصو پهريون)
مون کي اڄ به اها رات ياد آهي جنهن رات آئون تقريبن ساڍي 12 وڳي اٿي تهجد جي نماز پڙهڻ لاءِ وضو ڪري بعد ۾ مسجد ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهي، نماز پڙهڻ کان پوءِ مون صبح تائين قرآن جو ورد ڪيو، تان جو اچي صبح جا 6 وڳا ته جوڙي جي سيٽي لڳي، جوڙِ ڏئي ڪورٽ وڃڻ لاءِ پاڻ يک تيار ڪيو، تيار ٿي ٻنهي ٻانهن ۾ امڙ جون موڪليل تعويذ ٻڌم جيڪي امڙ مون کي ملاقات تي ڏئي وئي هئي ۽ پڻ اهو چئي وئي هئي ته رب پاڪ ڪندو ته تون ان ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري ٿي ويندين پر الائي ڇو مون کي بري ٿيڻ جي پڪ نه پي ٿي، ڇو جو منهنجي خلاف پهرين کان پوليس جي ڪوڙِ شاهدي عدالت ۾ ڏنل هئي، تڏهن هر وقت ذهن ۾ اهو ئي هو ته مون کي هن ڪيس ۾ سزا ٿي ويندي ڇو جو رب پاڪ جو خوف انهن پوليس وارن ۽ فريادين ۾نه رهيو آهي جيڪي عدالت ۾ پئس لاءِ ڪوڙيون شاهديون ڏئي هڪ بيگناهه کي سزا ڏياري ويندا آهن. ان لاءِ مون پنهنجي ذهن کي اڳ تيار رکيو هو جيئن مون کي سزا لڳي ته به آئون ان وقت بلڪل پريشان نه ٿي. تڏهن آئون پنهنجي پوري تياري ۾ رهيس ۽ اوچتو مون کي ڪورٽ لاءِ سڏ ٿيو ته تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائي پنهنجي دوستن کان موڪلائي پنهنجي کوليءَ کان ٻاهر نڪتس ۽ ڪورٽ وڃڻ لاءِ روانو ٿيس. مون کي سرڪاري گاڏي جي انتظار ۾ لڳ ڀڳ ڪلاڪ ڏيڍ لڳي ويو دير سوير گاڏي اچي وئي ۽ اسين سينٽرل جيل جا قيدي آهستي آهستي ان گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻ لڳاسين، جڏهن اسين قيدي گاڏيءَ ۾ چڙهياسين ته ان گاڏيءَ ۾ اڳ ئي ڪجھه قيدي ويٺل هئا جيڪي قيدي نارا جيل حيدرآباد جا هئا، انهن قيدين ۾ منهنجي سڄاڻ وارو محبت مغيري به ويٺو هو جيڪو نارا جيل جي 4 نمبر بيرڪ ۾قيد هو، ان دوران اسان جي ملاقات ٿي، پوءِ سڀ قيدي پاڻ ۾ کل ڀوڳ ڪندا اچي ڄامشوروڪورٽ پهتاسين.
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
ٿر ۽ پاڻي!
اڄ دنيا جو مثال وٺوته اھا وڃي چنڊ تي پھتي آهي، اتي اسين ٿر جو مثال وٺون ته ھر سال اونھاري ۾ ٿر جي رهواسين لاءِ پاڻي ملڻ ھڪ وڏو عذاب ھوندو آهي، ھتان جي آبادي لگ ڀگ 1.6 ملين آهي، جيڪو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ريگستان آھي پر پاڻي جي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي. ھتي ھڪڙي پاڻي جي بالٽي جي ڪري 5-6 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو. ھتان جي رھواسين جي صبح جي شروعات پاڻي جي ڳولا سان شروع ٿئي ٿي، پاڻي جي سخت ضرورت جي ڪري ننڍا ٻار جن جي اسڪول وڃڻ جي عمر ھوندي آهي اھي پنهنجن مائٽن سان گڏ پاڻي لاءِ نڪري وڃن ٿا. ھتي پاڻي جي خاص وسيلن ۾ خاص ڪري ٽيوب ويل کوهه آهن، جڏهن ته 70 سيڪڙو عوام صاف پاڻيءَ کان محروم آهي. اڪثر ڪري کارو پاڻي پيئڻ  ڪري ھتان جا ماڻهو مختلف بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن. خاص ڪري ڪجهه ماڻهن جو گذارو چوپائي مال تي آهي، سو اھو پاڻي نه ملڻ ڪري مريو وڃي ٿو، پاڻي گھٽ ھجڻ جو سبب ھڪڙو برساتن جو گھٽ پوڻ آهي ۽ ٻيو ڏڪار ڪا عام گالھه ڪونهي، جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت طرفان ٿر ۽ ٿرين لاءِ ڪا خاص حڪمت عملي تيار نه ڪئي وئي آهي. ڪجهه سماجي ادارا ڪم ته ڪري رهيا آهن پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گھرجي ته ڪا خاص حڪمت عملي تيار ڪري ٿرين جي زندگي خوشحال ۽ شاداب بڻائي وڃي.
اسـد علي سميجو/ مينڌري جو پار،  ٿر  
ٿرپارڪر مان مستقبل ۾ تيل جا ذخيرا دريافت ٿيندا!‎
ٿرپارڪر جي شاھوڪاري ھڪ صفحي تي بيان ته نٿي ڪري سگھجي، ٿر جي ڌرتي جي مٿاڇري تي ته شاھڪار نباتات، حيوانات سان گڏ انمول ڪلچر، ادب مطلب ته ھڪ ترقي يافتا مھذب قوم جا گھربل معيار موجود آھن، اھا ھڪ الڳ ڳالھه آھي پر زيرزمين جو زميني علم جيالاجي جو ھڪ صفحو کڻي مطالعو ڪنداسين ته ٿر جي واريءَ مان ڪوئلي سان گڏ آئل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا نظر ايندا، جنھن جا ثبوت جيالاجي جي تجربن ۽ مشاھدن ۾ موجود آھن، مثال دنيا ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي اباڻي گھر جو مشاھدو ڪنداسين ته اڪثريت ريگستان ۽ جبلن ۾ ملندي، جڏھن ته زمنيي علم موجب تيل جا گھڻي کان گھڻا ذخيرا سمنڊ ۾ موجود آھن پر موجوده وقت ۾ تيل جي گھڻي پيداوار جبلن، ريگستاني علائقي مان ٿئي ٿي، جڏھن ته ريگستان خود سمونڊ جو ٻيو جنم آھن، جن کي سائنسي ٻوليءَ ۾ سي بيڊ پڻ چيو وڃي ٿو. انھن سڀني مشاھدن، تجربن کي نظر ۾ رکندي ان نتيجي تي پھچون ٿا ته ٿر جي ريگستان ۾ تيل جا ذخيرا پڻ موجود آھن، جڏھن ته تازو ئي ملندڙ ٿر مان توانائيءَ جا ذخيرن جا ماضي بعيد ۾ تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ سڀ ايليمينٽ ھجڻ جي شاھدي ڏين ٿا، ان ڪري ريگستان ۾ آئل ۽ گئس جي ذخيرا ھجڻ کي رد نٿو ڪري سگھجي. ان لاءِ سرڪار کي گھرجي ته مستقبل ۾ اھڙن ذخيرن کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ اتان جي مقامي ماڻھن جي اباڻي زمين مان نڪرندڙ ذخيرن جي رائلٽيءَ لاءِ ڪي نوان قانون پاس ڪرائي مستقبل ۾ زمين زر خريدڻ بدران ليز واري نظام تحت معاھدا ڪري ته جيئن ٿر جي زمين جا مالڪاڻا حق ٿرين وٽ ئي رھن .
منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي
ڏهرڪي ٽرين حادثي جي ذميوارن کي سزا ملي سگهندي؟
ٽرين جي سفر کي اڳ محفوظ سفر سمجهو ويندو هو، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هن وقت ٽرينن جو سفر محفوظ سمجهيو وڃي ٿو، جتي فاسٽ ٽرينون هلن ٿيون ۽ 10 ڪلاڪن وارو سفر 3 ڪلاڪن ۾ طئي ڪن ٿيون. دنيا جا ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي طرف وڌندڙ آھن، جديد ٽيڪنالوجي جي هوندي به اسان اڃا انگريز دور واري ٽرين سسٽم تي سفر پيا ڪيون، جيڪو هاڻي ناڪاره ٿي چڪو آھي. ٽرين جي پٽڙي يا وري درياهن تي ٺهيل پلون هجن، جيڪي پنهنجو مدو ته پورو ڪري چڪيون آھن پر اسان جي سرڪار کي ڪو فڪر ناهي، ڇو ته هتي شايد انساني جانين جو ڪو قدر ناهي. ڪراچي کان لاهور، پنڊي کان ڪراچيءَ تائين، ڪوئيٽا کان لاهور تائين جيڪي ٽرينون هلايون وڃن ٿيون ان ٽريڪ بابت ريلوي انتظاميا به اهو اعتراف ڪري چڪي آھي ته اهي ناڪاره آھن پر مجال آ جو حڪومت جي ڪن تي ڪا جونءِ به سُري! هن ٽريڪ تي اڻ ڳڻيا حادثا ٿي چڪا آھن پر تازو ڏهرڪي ڀرسان جيڪو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو جنهن ۾ 67 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون. ٽرين حادثي جو سبب شايد هن وقت سامهون نه اچي سگهيو آھي پر ملت ٽرين ۾ سوار مسافرن اهو به ٻڌايو ته ڪراچي ۾ بوگي نمبر 6 ۽ 10 جا اسپرنگ به خراب هيا پر ٽرين کي هن ناڪاره ٽرين تي سوين مسافر سوار ڪري روانو ڪيو ويو. خاندان جا خاندان اجڙي ويا، ٽرين حادثي واري هنڌ جڏهن زخمين جي مدد لاءِ اسان پهتاسين ته مسافر بي يارومدد گار بڻيل هئا، هر طرف قيامت صغرا برپا هئي. وڏو سانحو به حڪمرانن جي نااهلي سبب پيش آيو، جو ريلوي اختيارين هن ٽريڪ بابت اڳ ۾ آگاهي ڏني هئي ته هيءَ ٽريڪ ناڪاره آھي پر حڪمرانن شايد ان ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. جي هي حادثو دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيش اچي ها ته ان جي اعليٰ سطحي جاچ ٿئي ها، وقت جا حڪمران به سوگها هجن ها پر هتي اعليٰ سطحي جاچ به اهي ڪندا جيڪي پاڻ ملوث هجن ٿا. بس لکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه لکجي، بس آخر ۾ مان هي لفظ ضرور چونديس ته نااهل اسان جو مالهي آ، هن گلشن جو ڇا ٿيندو، بدزوق جي هٿ ۾ باغ رهيو معصوم وڻن جو ڇا ٿيندو؟ ڪائنات بلوچ/ ڏهرڪي