لنڊن (م ڊ) برطانوي بادشاهه چارلس جي تاج پوشي تقريب کان 4 ڏينهن اڳ بڪنگهم پيلس تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام هيٺ هڪ اڻڄاتل شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي  ميڊيا رپورٽن موجب بڪنگهم پيلس ٻاهران ڪنٽرولڊ ڌماڪو ڪيو ويو، پوليس طرفان هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کان چاقو هٿ آيو آهي، واقعي ۾ گوليون هلڻ يا ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جا ڪي به اطلاع ناهن. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته جوابدار تي گوليون برطانيا جي شاهي محل جي ميدان ۾ اُڇلائڻ جو الزام آهي. ٻي پاسي برطانوي پوليس واقعي کي دهشتگردي قرار ناهي  پر معاملو ذهني صحت قرار ڏنو. رپورٽن موجب حملي جي وقت بادشاهه چارلس ۽ ملڪه ڪميلا پارڪر محل ۾ نه هئا، شڪي  شخص ڪيترن ئي ڏينهن کان محل ٻاهران رهي رهيو هو. برطانيا ميڊيا موجب ماڻهن شڪي شخص کي چوندي ٻڌو هو ته مان بادشاهه کي قتل ڪري ڇڏيندس. هوڏانهن برطانيا جي بادشاهه شهزادي چارلس ٽئين جي تاج پوشي جي تقريب ۾ گھڻن ملڪن کي دعوت ناهي ڏني وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب تقريب ۾ اتر ڪوريا، نڪارا گوا جي سربراهن بدران اعليٰ سفارتڪارن کي گھرايو ويو آهي جڏهن ته بادشاهه چارلس جي تاج پوشي  جي تقريب ۾ 200 مهمانن کي دعوت ڏني وئي آهي.