اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي جي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، سياسي پارٽين قرار ڏنو آهي ته موجوده سياسي، عدالتي ۽ اقتصادي بحران غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي آهي، سياست جيڪڏهن ختم ٿيندي ته آئيني ۽ پارلياماني بالادستي  لاءِ خطرا  پيدا ٿيندا، پارلياماني بالادستي کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، سياسي فيصلن جي جاءِ سياسي جماعتون ۽ پارليامينٽ آهي، سياسي فيصلا عدالتن ۾ کڻي وينداسين ته عدالتي بحران جنم وٺندو، عدالت جو ڪم آئين جي تشريح آهي، قانونسازي ۽ آئين سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته چونڊن جي تاريخ تي اختلاف کي حل ڪرڻ لاءِ تمام آئيني، قانوني ۽ سياسي رخن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، چونڊون جڏهن به ٿينديون اهي هڪ ئي ڏينهن ٿينديون، سياسي جماعتون ڳالهين جي ذريعي چونڊن جي تاريخ جو تعين ڪن، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته  پوري ملڪ ۾ منصفاڻي آدمشماري کي  ممڪن بڻائي وڃي، سنڌ سوڌو صوبن جا خدشا ختم ڪيا وڃن، مطالبو ڪيو ويو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي، معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهن جي زندگي تمام مشڪل ۾ وجهي ڇڏي آهي، اسان جو مطالبو آهي ته نئون ميثاق جمهوريت جوڙيو وڃي، صوبائي خودمختياري خلاف ڪنهن به سازش کي برداشت نه ڪيو ويندو، ارڙهين آئيني ترميم تي ان جي اصل روح مطابق عملدرآمد ڪيو وڃي. ملڪ ۾ شاگرد يونينز کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، لاپتا ماڻهن کي فوري طور تي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، اي پي سي کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان صوبن جي خودمختياري لاءِ جنگيون وڙهيون آهن، اسان جمهوري روين جا قائل آهيون، هن چيو ته ڪجهه قوتن کي پريشاني اها آهي ته ملڪ ڏيوالو ڇو نه ٿيو؟ هن چيو ته جنهن جي به حڪومت آئي ادارا اهي ساڳيا هوندا، اسان جو مقصد ادارن سان وڙهڻ ڪڏهن به نه آهي،  عوامي نيشنل پارٽي جي اهتمام هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن ۽ بار ايسوسيئيشنز جي نمائندن شرڪت ڪئي، گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اي اين پي جي ميان افتخار احمد چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس مطالبو ڪري ٿي ته موجوده حالتن کي سامهون رکندي ميثاق معيشت جوڙيو وڃي.