گڊو(ن پ ا) ويجھو پنجاب روجھاڻ جي علائقي چڪ عمراڻي ۾ آپريشن جاري ڏوھارين جي ٺڪاڻن تي پوليس جي چڙھائي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  ھڪ پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويو روجھاڻ جي ڪچي چڪ عمراڻي ۾ پوليس کي ڏوھاري موجود ھئڻ جو اطلاع مليو جنھن تي پوليس ڏوھارين جي ٺڪاڻن تي ريڊ ڪئي ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ ھڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ وارو سلسلو شروع ٿي ويو. گوليون لڳڻ ڪري پوليس جو ھڪ نوجوان غلام قاسم عمراڻي شھيد ٿي ويو. مڙھ تعلقه اسپتال روجھان منتقل ڪيو ويو جتي ضروري قانوني ڪاروائي بعد شھيد جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس اھلڪار جي شھيد ٿيڻ کان ڪجھه ڪلاڪن بعد پوليس آپريشن بند ڪري واپس موٽي آئي.