بدين ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ: آبادگارن جو احتجاج جاري

0
188

بدين (ن پ ا) بدين ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ ۽ سِم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف لاڙ آبادگار فورم جي سڏ تي احتجاج جاري، سوين آبادگارن جو ماڻڪ واهه کان ٽنڊو باگو تائين مارچ بعد جهڏو روڊ تي ڌرڻو، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل آبادگارن طرفان آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي، آبادگارن دانهيو آهي ته سموري بدين ضلعي ۾ زرعي پاڻي جي سنگين کوٽ ٿي وئي، شاخن ۽ واهن ۾ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب فصل نه ٿي سگهيا آهن، آبپاشي عملدار پئسن عيوص پاڻي وڪرو ڪن ٿا، سم نالن جي به کاٽي نه ٿيڻ سبب آبادگارن کي پاڻي نٿو ملي، بدين ضلعي جي 54 سِم نالن کان رڳو 4 نالن جي کوٽائي ڪئي پئي وڃي، آبادگارن طرفان سمورن سِم نالن جي کوٽائي ڪري زرعي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.