قاضي احمد ۾ نوجوان ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

0
502

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ نوجوان ناري مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، شھر جي ميرجت محلا جي رھواسي شادي شده ناري صبا سومرو جو گهر جي ڇت جي پکي ۾ رئو ٻڌل ڳچيءَ ۾ ٻڌل لاش ھٿ آيو آهي، جنهن جي وارثن لاش رورل ھيلٿ سينٽر قاضي احمد منتقل ڪيو، ناري جي ساھرن موجب ناري جو ذھني توازن درست نه ھو، هن مبينا طور ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جاچ ڪريون پيا ته معامرو آھي ڇا، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ناري صبا ڌي اسد سومرو ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي ڀٽائي آباد واري علائقي جي آھي جتي سندس ماءُ ۽ پي رهن ٿا ۽ ڪراچي مان پرڻجي آئي ھئي.