بدين (رپورٽ شفيع جوڻيجو) بدين ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جون سرگرميون، پيپلزپارٽي، مرزا گروپ، تحريڪ لبيڪ  ۽ آزاد اميدوارن پاران ڊوڙ ڊڪ شروع ٿي وئي جڏهن ته نوجوانن جي وڏي انگ پاران پڻ چونڊ وڙهڻ جون تياريون جاري آھن، تفصيل موجب سنڌ ۾ ٻئي مرحلي ۾ 24 جولائي تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ بدين ضلعي ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن،  سياسي پارٽين پاران ويجهن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان رابطن جي  سلسلي ۾ پڻ تيزي اچي وئي آهي، جڏهن ته وڏيرن، پيرن ميرن جي اوطاقن تي ماڻھن جي رش وڌندي نظر اچي رھي آھي، ٻئي طرف اڳوڻي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي چيئرميني ۽ ڪائونسلري  جون سيٽون سنڀاليندڙ چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن  پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ بدران ڪرپشن کي وڌيڪ ترجيح ڏني جنهن سبب عوام به سخت ڪاوڙ ۾ آهي ۽ مختلف برادرين پاران پنهنجي علائقي توڙي وارڊن مان پنهنجا ماڻهو بيھاري سياسي  ماڻهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب ته بدين ضلعي جي 68 يوسيز، ٻن ميونسپل ڪاميٽين ۽ 11 ٽائونن  ۾ چونڊيل چيئرمينن طرفان عوام جا ڪم نه ڪرڻ سبب انھن  شھرن جي حالت اجڙيل نظر اچي رھي آھي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي پاران پنهنجن ماڻهن کي اليڪشن ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ ضلعي آفيس ۾ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو وٽ 15 مئي تائين درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن جتي پيپلزپارٽي پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران درخواستون جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، باخبر ذريعن موجب بدين ضلعي ۾ جلد تبديلي اچڻ جا امڪان آهن جنهن ۾ ڪجھه سياسي پارٽين جا اڳواڻ  جيڪي بدين ۾ ٿيندڙ اليڪشن مهم جي نگراني ڪرڻ لاءِ بدين جي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪندا، جڏهن ته عوام ۾ ڪاوڙ بعد پيپلز پارٽي نئين حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي جنهن تحت بدين ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊ لاءِ اهم اڳواڻ اليڪشن مهم جي نگراني ڪرڻ لاءِ جلد اماڻڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب هن دفعي بدين ۾ پيپلزپارٽي، مرزا گروپ، تحريڪ لبيڪ،  ۽ آزاد اميدوارن پاران ڀرپور نموني سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ شروع ٿي وئي آهي.