بخشاپور (ن پ ا) بخشاپور ۾ سنڌ جي سدا حيات امر راڳي ڀڳت ڪنور رام جي جنم ڏھاڙي وارو ساليانو ميلو جوش جذبي سان ملھايو ويو، جنم ڏھاڙي واري ميلي جي مک تقريب سنت سترام ڌام تي منعقد ٿي، جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ ڪشمور، بڊاڻي، ڏھرڪي ۽ گھوٽڪي ٻين شھرن مان سوين عقيدتمندن شرڪت ڪئي، ميلي جي موقعي تي اکنڊ ڌڻي صاحب جو پاٺ آرنڀ ڪري ڀوڳ لڳايو ويو، جڏهن ته رھڙڪي درٻار جي سرومڻي سنت راجا سائين وڪرم لال جي شھزادي سائين روچڪ داس پڻ شرڪت ڪري عقيدتمندن کي درشن ڪرايو، ان موقعي تي روچڪ داس جو بخشاپور پھچڻ تي دھل شرناين تي جھمريون ھڻي ۽ آتشبازي ڪري شاندار آجيان ڪئي وئي، ميلي ۾ ڀڳت ستيش ڪمار، ڪندن داس، راڪيش ڪمار ۽ ايس ايس ڊي منڊل ۽ سندس ٽولي رھڙڪي صاحب جي سنتن جي شان ۾ ڀڄن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.