ڪراچي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ ف ليگ اڳواڻ محب جمالي جي گرفتاريءَ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ڄامشوري ۾ جمالي برادري جي اڳواڻن محب خان جمالي جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف غلام محمد، غلام حسيـن، غلام رسول، فقير باغ علي جمالي، نورحسين جمالي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. هوڏانهن سڪرنڊ ۾ حر جماعت ضلعي بينظيرآباد جي اڳواڻ فقير محب خان جمالي جي گرفتاري ۽ مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف حر جماعت جي اڳواڻن جمالي نوجوان اتحاد، فنڪشنل جي ڪارڪنن سڪرنڊ ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فقير محب جمالي تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن. هوڏانهن کڏڙو ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير محب جمالي جي گرفتاري ۽ گهرن تي چڙهائي خلاف جمالي برادري ۽ فنڪشنل مسلم ليگ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.