ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) ڪراچي جي سمنڊ ۾ هڪ هفتي کان ڦاٿل سامونڊي جهاز گهري پاڻي تائين نه پهتو، ڦاٿل جهاز جي ڪپتان پاران ايمرجنسي جي حالت ۾ ڪنٽرول روم سان ڪيل رابطي جي آڊيو منظر عام تي اچي وئي، وفاقي وزير علي زيدي جي دعويٰ رد ٿي وئي، ڪراچي ڀرسان سمنڊ ۾ 20 هين ۽ 21 هين جولاءِ جي وچ واري رات جو دير سان ڦاٿل بحري جهاز هينگ ٽينگ جي ڦاسجي وڃڻ کانپوءِ جهاز راني واري وفاقي وزير علي زيدي چيو هو ته ڪپتان جهاز جي ڦاسجڻ يا ايمرجنسي ۾ ڪنهن به مدد جي اپيل نه ڪئي هئي ، وفاقي وزير پاران جهاز جي ڦاسجڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي هئي، ڪالهه ٽيم سان گڏ جهاز جي جائزي لاءِ پهتل بحري معاملن بابت خاص معاون مولوي محمود ۽ ڪي پي ٽي جي چيئرمين نادر وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جهاز جو هڪ لنگر اڳ ۾ ئي ٽٽي چڪو هو، معاملي جي ڊي جي شپنگ جاچ ڪري پيو، اسان وٽ جهازن کي ريسڪيو ڪرڻ جا وسيلا موجود آهن، مولوي محمود چيو ته جهاز سينگارپور کان هتي پهتو هو، بعد ۾ خبر پئي ته جهاز جو لنگر ٽٽي پيو آهي، جهاز ۾ 115 ٽن تيل آهي، پهرين مرحلي ۾ تيل کي ڪڍيو ويندو، هن چيو ته جهاز 15 آگسٽ تائين نڪري نٿو سگهي، هوڏانهن جهاز جي ڪپتان جي آڊيو منظر عام تي آئي آهي، جنهن ۾ هن پهرين پورٽ قاسم ڪنٽرول ۽ پوءِ منهوڙي ڪنٽرول روم سان رابطا ڪري مدد جو چيو ۽ اطلاع ڏنو ته لنگر ٽٽڻ سبب جهاز سمنڊ ڪناري طرف وڌي رهيو آهي ۽ ڦاسجڻ جو خدشو آهي، سامهون کان ڪو جواب نه ملڻ تي ڪپتان چيو ته افسوس آهي جو بار بار رابطي باوجود ڪنهن به نه ٻڌي، ڪپتان موجب جهاز جو پهريون لنگر 20 جولاءِ تي رات جو ٽٽي پيو هو، جڏهن ته هڪ ٻيو لنگر 20 ۽ 21 جولاءِ جي وچ واري رات جو ٽٽي پيو، مون برٿ لاءِ بار بار ڪال ڪئي، پر ڪا به مدد نه ملي، مون جيڪو رابطو ڪيو، انهي جو سمورو رڪارڊ موجود آهي.