ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور پوليس پاران ناري رينا کي بدين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڪورٽ سڳوري ناري جي بيان کانپوءِ کيس مائٽن سان رهڻ جوحڪم ڏيئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن ڪورٽ جي حڪم بعد ناري ۽ سندس مائٽ ايس ايس پي بدين جي آفيس پهتا. ايس پي بدين ايس ايچ او ۽ ٿاڻي جي وڏي منشي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. پوليس ايف آءِ آر داخل ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار لاڪپ ڪري ڇڏيو. ناري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ گولاڙچي روانو ڪيو ويو. خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ گهران نڪري مائٽن وٽ پهتل ناري رينا کي ڪالهه ڪڙيوگهنور پوليس بدين جي ڪورٽ ۾ بيان لاءِ سيڪنڊ جج وٽ پيش ڪيو، جتي ناري رينا جج جي سامهون پنهنجو بيان ڏيندي چيو ته قاسم خاصخيلي مون کي اغوا ڪري مسلسل 5 مهينا جنسي زيادتي ڪندو رهيو. مون تي تشدد ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. ڪالهه وجهه وٺي سندس گهران نڪري پنهنجي مائٽن وٽ پهتيس. پوليس مون کي ٿاڻي تي وٺي اڄ توهان آڏو پيش ڪيو. آئون پنهنجن گهر ڀاتين ۽ ماءُ پي ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي. ناري جي اهڙي بيان بعد ڪورٽ ناري کي پنهنجي مائٽن سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. ان بعد ناري ۽ سندس مائٽ ايس ايس پي بدين شبير احمد سيٺيار سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي بدين ناري رينا جي مٿي تي هٿ رکي کيس لونگي پهرائي ساڻس ٿيندڙ زيادتي جو نوٽيس وٺندي ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر علي سٺيو ۽ وڏي منشي غلام اڪبر ناريجو کي سسپينڊ ڪري فضل الدين کٽي کي نئون ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور مقرر ڪري ڇڏيو. بعد ۾ 6 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري 3 جوابدارن محمد قاسم عرف قاسو خاصخيلي، جمعون خاصخيلي، رفيق خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. ناري رينا کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ گولاڙچي روانو ڪيو ويو ۽ سندس گهر تي ايس ايس پي بدين جي حڪم موجب ٻه پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.