سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ بدامني وڌي وئي، ھٿياربندن ۽ نامعلوم چورن جون 4 ڪارروايون، شاھي بازار يوسف سينٽر جي 8 دڪانن جا تالا ڪٽي لکين رپين جي چوري، بئراج روڊ تي اليڪٽرانڪس جي ھول سيل دڪان تان ھٿيارن جي زور تي لکين روپيا ڦر، اسٽيشن روڊ وٽان گھر مان اڍائي لک رپيا چوري، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ 4 شھري موٽر سائيڪلن کان محروم ٿي ويا، واپارين جو احتجاج، رپورٽ موجب سکر پوليس جي لاپرواھي ۽ بي ڌيانيءَ سبب شھر ۾ ڦر، چوري وارن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آھي، گذريل 24 ڪلاڪن اندر 4 ڦر ۽ چوريءَ جون وارداتون ٿيون آهن، ڄاڻ موجب شهر جي مصروف ترين شاهي بازار جي يوسف مارڪيٽ مان ھڪ ئي وقت 8 کان وڌيڪ دڪانن جا تالا توڙي لکين رپيا نامعلوم چور چورائي فرار ٿي ويا، متاثر تاجرن دانش غازي، محسن ڀولا بانڊ والا، عمير جيلاني، آصف غازي، امجد سميت 8 دڪاندارن جي دڪانن جا تالا ڪٽي لکين رپيا روڪ رقم چوري ٿي ويا، اطلاع تي اسمال ٽريڊرز ۽ صرافا بازار ايسوسئيشن جو صدر جاويد ميمڻ ۽ ٻين مختلف مارڪيٽن جي تاجر تنظيمن يوسف سينٽر پھچي دڪانن جو جائزو ورتو ۽ تاجرن سان مڪمل طور يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيو، اِن دوران ميڊيسن مارڪيٽ شاھي بازار توڙي يوسف مارڪيٽ جي دڪاندارن پنھنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو، اِن ڏس ۾ جاويد ميمڻ ۽ متاثر دڪاندارن دانهيندي چيو ته شهر ۾ پوليس جي لاپرواهي سبب چوريون ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، جنهن سبب غيرمحفوظ آهيون، هنن چيو ته شڪايتن باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي، ٻئي طرف بئراج روڊ تي ھول سيل جي اليڪٽرانڪس دڪان تي موٽر سائيڪلن تي سوار 4 ھٿياربندن چڙھائي ڪري دڪان مالڪ فرحت الله کان 10 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ھوڏانھن گذريل رات به ريلوي ڪوارٽر اسٽيشن روڊ منور مسجد وٽان چور ايزي پئسا جو ڪاروبار ڪندڙ شھري فراج خان جي گھر مان اڍائي لک رپيا چورائي فرار ٿي ويا.