ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بحريه ٽائون آڏو اڄ وڏو احتجاج. ٽن ايس ايس پيز جي سربراهي ۾ 150 اهلڪار مقرر، واٽر ڪينن به پهچايو ويو. ڊي آءِ جي اوڀر ثاقب اسماعيل طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بحريا ٽائون آڏو احتجاج دوران ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ 3 ايس ايس پيز جي سربراھي ۾ 150 کان وڌيڪ اھلڪار سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندا. اھلڪار 10 گيس گنن ۽ 500 گيس شيلز سان ليس ھوندا، واٽر ڪينن به بحريا ٽائون پھچائڻ جي ھدايت ڪئي وئي، فارنزڪ موبائيل ٽيم به موجود ھوندي. نوٽيفڪيشن موجب 2 جون تي بحريا آئيڪون ٽاور تي ڪريڪر حملو ٿيو ھو، انهي حملي جي پيش نظر سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن.