ملير/سن (نمائندن وٽان) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ جي زمينن تي بحريا ٽائون انتظاميا جي والار خلاف اڄ بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ مختلف قومپرست پارٽين جا ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ڪاٺوڙ، گلشن حديد، سچل ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس پاران ڪاٺوڙ، ميمڻ ڳوٺ، لنڪ روڊ، نادرن باءِ پاس، گڏاپ سٽي، گهگهر ڦاٽڪ ۽ ٻين هنڌن تي پوليس جا وڏا اٽالا پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، قومپرست جماعتن جي اڳواڻن موجب ڌرڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سموريون رڪاوٽون ٽوڙي بحريا ٽائون جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، ٻي طرف سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، مرڪزي سينئر نائب صدر ڪامريڊ حڪم چند، جنرل سيڪريٽري احمد نواز انقلابي، سوشل سيڪريٽري جبار باغي ۽ ٻين گهگهر ڦاٽڪ، ابراهيم حيدري، ميمڻ ڳوٺ، سچل ڳوٺ، شاهه لطيف ٽائون، هاشم کوسو ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ در در وڃي سنڌي ماڻهن کي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران اڄ بحريا ٽائون خلاف لڳندڙ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني، ان موقعي تي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ جون زمينون قبضي هيٺ آڻڻ چاهي ٿو ۽ سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي تي عمل ڪري رهيو آهي پر سنڌ جا سپوت سندس اهڙي ڀيانڪ سازش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، هن چيو ته جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي ان وقت تائين بحريا ٽائون، ڊي ايچ اي سٽي ۽ ٻيا منصوبا اڏڻ نه ڏبا، هن چيو ته اهڙي عمل ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت بحريا ٽائون انتظاميا سان ڀاڱي ڀائيوار آهي ته پوءِ اڄ سنڌ پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف ريفرنڊم ڏئي انهن کي رد ڪندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن پوليس گردي ڪئي ته پوءِ ان جو رد عمل انتهائي ڀيانڪ هوندو ۽ ان جي ذميواري سنڌ حڪومت مٿان عائد هوندي، هن چيو ته سنڌي ماڻهن پنهنجي ڌرتي ۽ دنگن کي بچائڻ لاءِ جيئن ماضي جيان پنهنجي تاريخ رقم ڪئي آهي، اهڙي طرح اڄ جو ڌرڻو ثابت ڪندو ته سڄي سنڌ ڌارين جي آبادڪاري خلاف هڪ آهي. هوڏانهن سن ۾ ايس يوپي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي صدارت هيٺ اڄ ڪراچي ۾ رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ايس يوپي تعلقي اڳواڻ عنايت الله شاهاڻي، رجب علي سومرو، انورمڱڻهار، عبدالحميد سنڌي ،شهميرخاصخيلي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان کان اڳ ايس يوپي طرفان بحريا ٽائون انتظاميا خلاف رٿيل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي شهرجوگشت پڻ ڪيو ويو، ايس يوپي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته بحرياٽائون کي سپريم ڪورٽ ساڍا چارارب رپيا اداڪرڻ جوحڪم ڏنو پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت انهن پئسن تي وڙهي رهيا آهن پر سنڌجي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ منصوبا بندي ناهي، اسان هميشه سنڌ جي جن به ٻرندڙ مسئلن تي جدوجهد ڪئي آهي ان ۾ اسان کي بھتر نتيجا مليا آهن ۽ اسان جو اڄ وارو رٿيل ڌرڻو پرامن هوندو۽ نتيجا حاصل ڪري پوءِ ئي اٿنداسين.