ملير (رپورٽر) بحريا ٽائون انتظاميا جي والار ۽ ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪرڻ واري مسئلي تي سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس پاران 23 مئي 2021ع تي ڪاٺوڙ جي هادي بخش گبول ڳوٺ ۾ اعلانيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي تياري لاءِ 7 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سيد خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، گل حسن ڪلمتي، الاهي بخش بڪڪ، حفيظ بلوچ ۽ جمن حمائتي شامل آھن، ڪاميٽي جو اجلاس اڄ ميمڻ ڳوٺ ۾ گهرايو ويو آھي، جنهن ۾ اي پي سي جي تياري ۽ قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي، سماجي ڌرين، اديبن، وڪيلن، صحافين ۽ سنڌ جي سڄڻن کي دعوتون ڏيڻ جو جائزو ورتو ويندو ته جيئن گڏيل لائحه عمل جوڙي سنڌ جي زمينن تي والار ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف گڏيل اثرائتي جدوجهد ڪري سگهجي.