ڪراچي (نمائندن وٽان) ملير جي قديمي ڳوٺن تي بحريا ٽائون انتظاميا جي والار خلاف مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نصر پور ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مسوڀرڳڙي پريس ڪب اڳيان رضا عباس، روشن لغاري، حامد عالماڻي، سلمان جکرو، نريش بيرام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڏوڪري ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران گلاب پيرزادو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.غوثپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شير الزمان بجاراڻي، ڄام معشوق ڀيو، فقير جاويد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوان جتوئي ۾ پڻ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو عوام بحريا ٽائون جي سنڌ دشمن رٿائن کي رد ڪري چڪو آهي، هنن چيو ته ملير جي قديمي ڳوٺن تي بحريا ٽائون انتظاميا جي ڪيل والار جي مذمت ڪيون ٿا، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن تي والار ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ روڊن تي نڪري احتجاج ڪري سخت مزاحمت ڪنداسين.