حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ بحريا ٽائون جي انتظاميا خلاف سنڌي ادبي سنگت جي 23 مئي تي رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري احمد سولنگي ۽ نامياري اديب تاج جويو قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڌي ادبي سنگت جي اعلانيل احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. اياز لطيف پليجو خاطري ڪرائي ته سنڌي ادبي سنگت جي هن احتجاج ۾ سندس پارٽي جا ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا. ان کانسواءِ ڪهاڻيڪار مهتاب محبوب جي نياڻي ۽ شاعر حسن درس جي گهرواري ارم محبوب، چيزل حسن درس ۽ علي نواز عباسي پڻ اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪئي.