پريالوءِ/ پيروسڻ (نمائندن وٽان) پيروسڻ ۾ مھراڻ ھاءِ وي تي مُحمد شاھ اسٽاپ وٽ ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار روڊ ڀرسان بجلي جي پول سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، 50 سال جي آسيا زال عبدالعزيز ميمڻ فوت ٿي وئي، سندس ڌيءُ حميران ميمڻ، حنيفا ميمڻ، بابر علي ولد منٺار علي کوسو ۽ ڪار ڊرائيور غلام شبير پٽ محمد ابراھيم زخمي ٿي پيا، جن جو تعلق خيرپور جي شھر پريالوءِ سان ٻڌايو پيو وڃي. اطلاع تي فوتي عورت جا وارث پيروسڻ اسپتال پُھتا، جتان ضروري ڪارروائي بعد عورت جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊرائيور حادثي بابت ٻڌايو ته ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪار پول سان ٽڪرائي، ھڪ عورت موقعي تي ئي فوت ٿي ۽ مون سميت ڪار سوار ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آھيون.