ڪراچي: بحريا ٽائون آڏو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڌرڻي دوران ڪجهه شرپسندن بحريا ٽائون جو مک گيٽ ۽ گيٽ سان گڏ مختلف عمارتن، ٽول پلازا ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري باهيون ڏئي ڇڏيون، انهي دوران سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اپيل ڪئي پر شرپسندن سندن هڪ به نه ٻڌي، باهيون ڏيڻ سبب ٽول پلازا، بحريا ٽائون جو مک گيٽ، گيٽ لڳ ڪار شوروم، 5 گاڏيون ۽ مختلف آفيسون سڙي رک ٿي ويون. ڀڃ ڊاهه دوران پوليس اهلڪارن شديد شيلنگ ۽ فائرنگ شروع ڪري ڏني، شيلنگ ۽ فائرنگ سبب ڌرڻو اڌ ۾ ختم ٿي ويو. جلال محمود شاهه، قادر مگسي ۽ صنعان قريشي سميت مک اڳواڻ خطاب نه ڪري سگهيا. پوليس جي شديد شيلنگ ۽ فائرنگ سبب ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پوليس اٽالن ڪارڪنن کي بسن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کين گرفتار ڪري ورتو. پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ شيلنگ دوران ٻن ڪلاڪن تائين چڪريون ٿيون، جنهن دوران سپر هاءِ وي ميدان جنگ بڻجي ويو. پوليس ڌرڻي ۾ شريڪ ڪارڪنن مٿان لاڳيتو شيلنگ ڪندي رهي، جواب ۾ مڇريل ڪارڪن نعريبازي ڪندا ۽ پوليس مٿان پٿراءُ ڪندا رهيا، ان موقعي تي رينجرز جا اٽالا پهچي ويا، جن مڇريل ڪارڪنن مٿان سخت لٺبازي ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪيو، شيلنگ دوران ڪيترائي ٻار، مرد ۽ عورتون بيهوش ٿي ويا، جن کي پنهنجا ساٿي گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا. پوليس جي شيلنگ وقت ڌرڻو هلندڙ هو، رياض چانڊيو جي تقرير بعد باقي اڳواڻن کي خطاب ڪرڻو هو پر شيلنگ سبب ماڻهن ۾ ڀاڄ پئي۽ مرڪزي اڳواڻ اسٽيج تان لهي پنهنجن گاڏي ۾ ويهي روانا ٿي ويا. جنهن وقت شرپسند بحريا ٽائون جي گيٽ طرف وڃي رهيا هئا ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن بار بار کين واپس موٽڻ جون اپيلون ڪيون پر بحريا ٽائون جي گيٽ طرف ويندڙ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن سندن هڪ به نه ٻڌي، ان دوران ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن اسٽيج تان اعلان ڪيو ته هو سندن ڪارڪن ناهن ۽ اهي موڪليل ماڻهو آهن جيڪي اسان جو پرامن احتجاج خراب ڪرڻ چاهين ٿا. ايڪشن ڪاميٽي جا ڪيترائي اڳواڻ شرپسندن وٽ هلي ويا پر واپسي تي انهن چيو ته اهي اسان جا ڪارڪن ناهن، اسٽيج تان 20 کان 25 ڀيرا سنڌ ۽ اڳواڻن جا واسطا ڏنا ويا پر شر پسند پنهنجي ڪارروائي کان نه مڙيا، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪئي، پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪري شرپسندن سان گڏ پرامن ڌرڻو هڻي ويٺل ماڻهن کي پڻ منتشر ڪري ڇڏيو. ڌرڻي ۽ چڪرين سبب سپرهاءِ وي 5 ڪلاڪ بلاڪ رهيو