ڪراچي: ملير جي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بحريا ٽائون آڏو سنڌين جو سمنڊ اٿلي پيو، سڄي سنڌ مان آيل سنڌ واسين جي ڌرڻي سبب ايم 9 سپر هاءِ وي ڪيترائي ڪلاڪ بلاڪ، سنڌ واسين سنڌي وسنديون ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪندي گهر ڪئي آهي ته غيرقانوني اڏيل بحريا ٽائون ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسڪائي رهيو آهي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف قومپرست ۽ سنڌ دوست پارٽين، اديبن، دانشورن سميت سماج جي مختلف طبقن جلوسن جي شڪل ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو قافلو ڊاڪٽر قادر مگسي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو قافلو سيد جلال محمود شاهه، جسقم جو قافلو صنعان خان قريشي، عوامي تحريڪ جو قافلو ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، عوامي جهموري پارٽي جو قافلو ڪرم وساڻ، جيئي سنڌ محاذ جو قافلو رياض چانڊيو، عوامي ورڪرز پارٽي جو قافلو عاليه بخشل، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو قافلو نوازخان زنئور، جيئي سنڌ قومي محاذ جو قافلو اسلم خيرپوري، پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جو قافلو ورثا پيرزادو سميت مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي پارٽين جا قافلا ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا. صبح کان ئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قافلا پوليس رڪاوٽون ٽوڙي ڌرڻي ۾ پهتا ته سپر هاءِ وي جا ٻئي پاسا ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ٿي ويا. ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين ماڻهن جو سمنڊ بحريا ٽائون انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪندو رهيو. ڌرڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت سماج جي سمورن طبقن ڀرپور شرڪت ڪئي ان موقعي تي مانجهي فقير ۽ وقار ملاح سميت قومي راڳي پڻ شريڪ ٿيا، جن ڌرتي جا گيت ڳائي ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪيو. احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو مختلف نعرا هڻي رهيا هئا، ڌرڻي سبب 5 ڪلاڪن تائين سپر هاءِ وي بلاڪ رهيو، جنهن ڪري پري پري تائين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي کي خطاب ڪندي زين شاهه، ڪرم وساڻ، رياض چانڊيو، نواز خان زنئور، ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو، نظير قريشي، سيد خداڏنو شاهه، مهر ڊٻائي، گلزار سومرو، الاهي بخش بڪڪ، حريف چانڊيو، روشن ٻرڙو، وسند ٿري، حاڪم زادي ٿيٻو، امير آزاد پنهور، آصف بالادي ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون انتظاميه ڪراچي ۾ صدين کان آباد ڳوٺ ڊاهي انهن جي زمينن تي قبضا ڪري رهي آهي، بحريا ٽائون سميت غيرقانوني تعميراتي اسڪيمن سبب ڌرتي ڌڻي اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، سنڌ سرڪار انهن جي مڪمل سرپرستي ڪري رهي آهي، هنن چيو ته اسان پرامن احتجاج ڪرڻ آيا آهيون، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪراچي جي قديم بلوچن ۽ سنڌين خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن.

ڄامشورو ( رپورٽ: زوهيب سولنگي) بحريا والار ۽ سنڌ منصوبن خلاف ٿيل احتجاج دوران پيل آيل واقعي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سمورين پارٽين جو سربراهي هنگامي اجلاس جي ايم سيد منزل سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ ٿيو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه ۽ سنڌ ايڪيشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محموڊ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئور، عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ سجاد چانديو، سنڌ هاري ڪيمٽي جي ثمر حيدر جتوئي، مسرور شاهه، نور نبي راھوجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل طور تي ڪامياب احتجاج حڪومت خلاف ريفرنڊم قرار ڏيندي ڀرپور شرڪت تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي عوام جو ٿورو مڃيو ويو. اجلاس ۾ بحريا واقعي ۾ ملوث ماڻهن سان لاتعلقي جو اظهار ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو گرفتار ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. واقعي خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ ۽09 جون تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي پ پ پ سنڌ جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو جي بيان جي مزمت ڪئي. چيو ويو مخالفن پنهنجا ماڻهو وٺي اچي ماحول کي خراب ڪيو ۽ اسان جي پرامن احتجاج کي سبوتاز ڪيو، اڳواڻن چيوته پوليس اسٽيج تي رٻڙ جون سڌيون گوليون هلايون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا گولا اڇلايا جنهن جي ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ بيوهوش ٿي ويا جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس بعد ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون مين گيٽ کي ڪنڊيدار تارن ۽ بيرڪن جي ذريعي چو طرف سيل ڪيو ويو ھو ۽ اتي عوام کي روڪڻ لاءِ بحريا انتظاميا ۽ سنڌ پوليس سمورا انتظام ڪيا ھئا. جنھن ڪري لکين ماڻھن کي ايم نائن روڊ تي ويھڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه ھو. اڄ سنڌ جي لکين ماڻھن پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ بحريا خلاف ريفرنڊم ڏيئي ڇڏيو آھي. جنهن تي تي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آھي. سنڌ حڪومت سنڌ پوليس ۽ بحريا انتظاميا گڏيل سازش جي ذريعي بحريا اندر باهه ڏيڻ جو تماشو ڪري سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي پرامن احتجاج کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي ويٺل سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي قيادت کي ٽارگيٽ بنايو ويو ۽ شيلنگ ۽ سڌا فائر ڪيا ويا. سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اسٽيج تان بار بار اعلان ڪري شرپسندن کان لاتعلقي جو اظھار ڪيو ويو. اڳواڻن اهو به چيو ته اسان سمجھو ن ٿا ته بحريا ٽائون انتظاميا ۽ سندس سيڪيورٽي ۽ ملير پوليس تخريبڪارن جا سھولتڪار بڻجي انھن کي ھٿ سان اھو ڊرامو ڪري ڀڇ ڊاهه ۽ پوءِ شيلنگ لٺبازي ڪئي. اسان جي پر امن سياسي ڪارڪنن کي سون جي تعداد ۾ مردن ۽ عورتن کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ مختلف ٿاڻن تي انھن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ۽ مسٽر زرداري کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته ڪيسن ، گرفتارين ۽ تشدد ذريعي اسان جي پرامن جدوجھد کي روڪي نٿو سگھجي. سنڌ حڪومت ۽ زرداري ۽ بحريا ٽائون جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رھندي. گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، اسان سڄي سنڌ جي اجتماعي شعور ۽ سنڌ جي عوام مان اھا توقع ڪيون ٿا ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي، سنڌ اسيمبلي جي ھلندڙ اجلاس دوران اسيمبلي جو گھيراءُ جو اعلان ڪيو ويندو. جنھن اسيمبلي مان سنڌ جي خلاف فيصلا ٿيندا رھن ٿا ۽ سنڌ جون زمينون ۽ قومي مفاد تين وال ٿيندا رھن ٿا. سنڌ جي عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته سنڌ اسيمبلي جي گھيراءُ لاءِ تيار رھن . ان لاءِ تاريخ جو اعلان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويندو.