ڪراچي: بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي دوران مختلف قومپرست جماعتن جي جھنڊن واريون ٽوپيون وڪرو ڪرڻ لاءِ به اسٽال لڳايا ويا *سخت گرمي سبب عورتون پاڻي جون بوتلون کڻي آيون، جيڪي ڪارڪنن کي پاڻي پيارينديون رهيون *بحريا ٽائون جي مُک گيٽ کان اڌ ڪلو ميٽر پري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪيمپون لڳايون ويون* ڪارڪن احتجاجي ڪيمپ کان پيادل مارچ ڪري مختلف گيتن تي رقص ڪندا بحريا ٽائون جي مک گيٽ اڳيان وڌندا رهيا*