باجوه جو تڪراري دور ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ٿيل تنقيد

0
168
باجوه جو تڪراري دور ۽ اسٽيبلشمينٽ تي ٿيل تنقيد

 ملڪي تاريخ تي نظر وجهبي ته اڪثر سياستدانن، فوجي جنرلن، ججن،ڪامورا شاهي سميت تقريبن زندگي جي ھر شعبي سان لاڳاپيل رھندڙ شخصيتن جا ڪردار ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان تڪراري رھيا آھن تمام گھٽ شخصيتون جن جو تعداد اٽي ۾لوڻ برابر به نه ھوندو جو ماضي ۽ حال داغدار نه رھيو ھوندو, باقي جيستائين مستقبل جو سوال آهي ته ان بابت ڪابه اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي ڇو ته ڪنھن به شخصيت جو ڪردار وقت حالتن ۽ موڊ  مطابق تبديل ٿي سگهي ٿو. جنرل قمر جاويد باجوه ڇھن سالن جو ڊگهو عرصو آرمي چيف جي عھدي تي رھڻ کانپوءِ ھڪ ڏينھن پھرين رٽائر ٿي ويو آهي ليڪن ماضي جي ڪيترن ئي فوجي جنرلن وانگر سندس شخصيت تڪراري رھي. نواز شريف جي اقتدار مان نڪرڻ،نااهل ٿيڻ کان وٺي عمران خان جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿيڻ کيس اقتدار مان فارغ ڪرڻ ۽ رٽائرمينٽ کان تقريبن ھڪ ڏيڊ ھفتو پھرين سندس خاندان جي ملڪيتن جي ٽيڪسن جي حوالي سان خبرون سامھون اچڻ تائين تڪراري رھي. رٽائر مينٽ جي ساڳئي ڏينهن جي شام جو ھڪ خانگي ٽي وي چينل تي پي ٽي آئي جي اڳواڻ اسد عمر جنرل قمر جاويد باجوه جي شخصيت کي تڪراري قرار ڏيندي چيو ته ڇھن سالن جي دور ۾ باجوه جي شخصيت تڪراري رھي حالانڪه پي ٽي آئي حڪومت کيس ٽن سالن جي واڌ ڏني ھئي ان تي پاڻ اڳتي هلي بحث ڪري سگھون ٿا.  2013ع جي عام چونڊن کان پوءِ نواز شريف حڪومت ۾ جڏهن راحيل شريف آرمي چيف جي عھدي تان رٽائر ٿي رهيو هو ته ان وقت نواز شريف ٽن فوجي جنرلن کي باءِ پاس ڪندي جنرل قمر جاويد باجوه کي آرمي چيف جي عھدي تي ترقي ڏئي فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو هو. نواز شريف ملڪ جو پھريون وزيراعظم ھو جنھن ٽي دفعا ملڪ جو وزيراعظم رھندي پنج فوجي جنرلن کي آرمي چيف جي عھدي تي ترقي ڏئي کين مقرر ڪيو پر ڪنھن به دور ۾ ڪنهن به فوجي جنرل سان سندس ھم آھنگي پيدا نه ٿي. نواز شريف سول حڪومت جي معاملن ۾ فوجي مداخلت جي خلاف ھوندو ھو جڏھن ته فوج سول معاملن ۾ پاڻ کي  ڀاڱي  ڀائيوار رکڻ جي خواهش سان گڏ حق سمجهندي هئي جنھن جي نتيجي ۾ ھميشھ معاملو تڪراري رھيو. رٽائر جنرل قمر جاويد باجوه جو قصو به ان کان ڪو مختلف ناھي، چيو ٿو وڃي ته  نواز شريف جي حڪومت ۾ سندن تعلقات تڪراري بڻجڻ شروع ٿي ويا هئا ته اچانڪ نواز شريف جي خلاف پاناما اسڪينڊل منظر عام تي اچي ويو۽ سپريم ڪورٽ ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي کان پھرين جي آئي ٽي جوڙي وئي جنهن نواز شريف کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ جاچ لاءِ طلب ڪندي سندس پوري خاندان کان بيان وٺڻ کان پوءِ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ۽ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي نواز شريف کي پٽ حسين نواز جي ڪمپني مان پگھار نه کڻڻ کي ظاھر نه ڪرڻ جي الزم هيٺ کيس سڄي زندگي لاءِ سياست کان نااهل قرار ڏئي وزيراعظم جي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو ته نواز شريف ان سڄي عمل ۾ ساڻس زيادتي جو بنيادي ڪردار جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار کي قرار ڏيندي اسلام آباد کان لاهور تائين جي ٽي روڊ ذريعي جاتي عمره پھچڻ تائين ۽ بعد ۾ جنرل قمر جاويد باجوه کي ۽ آئي ايس آئي جي ان وقت جي سربراهه کي مسلسل تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو.

بلڪه اھو قرار ڏنو ته سندس حڪومت صحيح ھلي رھي ھئي ته سازش ڪري کيس عھدي تان نااهل ڪرايو ويو بعد ۾ کيس نياڻي مريم نواز کي لنڊن فليٽ جي ڪيس ۾ احتساب عدالت مان سزا ٻڌائي وئي ته ان جو به الزام جنرل قمر جاويد باجوه تي لڳايو ويو ۽ اھو تڪرار ختم ٿيڻ بجاءِ وڌندو رھيو. مٿان 2018ع جي عام چونڊن جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي عمران خان جي قيادت ۾ ڪامياب ٿي آئي ته پھرين نواز شريف ۽ جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چونڊ نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سڌي اڻ سڌي طرح فوج تي الزام لڳايو ويو ليڪن آصف زرداري جي مشوري سان احتجاجن اسيمبلين ۾وڃڻ ۽ قسم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو  ۽ قومي اسيمبلي ۾ شھباز شريف کي مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻايو ويو، جڏهن ته عمران خان وزيراعظم جي عھدي تي اچي ويو. ان دوران پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان کي سليڪٽيڊ جو طعنو ڏيندي چيو ته کيس سليڪٽ ڪري آندو ويوآهي اڳتي ھلي اھي پنھنجي فيصلي تي پيشمان ٿيندا. جڏهن ته آصف زرداري مسلسل عمران خان تي تنقيد ڪندي چوندو رھيو ته ٻين جي ڪلھي تي چڙهي آيل گھڻو وقت ھلي نه سگھندو. جڏهن ته عمران خان ان وقت اقتدار جي نشي ۾ مخالفن کي نيب ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائي رھيو ھو. اڪبر شھزاد ھر روز شھباز شريف، آصف زرداري سميت مخالفن جي خلاف ڪرپشن جا داستان کڻي عوام کي  ٻڌائيندو رهيو ۽ ايئن قصو ھلندو رھيو. عمران خان حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت  حڪومت قانون سازي ڪندي حڪومت توڙي مخالف ڌر جنرل قمر جاويد باجوه جي وڌيڪ ٽن سالن جي مدت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، مخالف ڌر نه چاهيندي به دل تي پٿر رکي ووٽ ڪيو. ھوڏانھن سينيٽ ۾ اڪثريت جي باوجود مخالف ڌر چيئرمين جو عهدو حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. صادق سنجراڻي ھڪ دفعو نه پر ٻه دفعا چيئرمين سينيٽ چونڊ جي ويو، ان وقت آئي ايس آئي جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ھو ۽ مخالف ڌر ۾ شامل سياسي قيادت نامعلوم ماڻهن جي فون ڪال جو ذڪر ڪندي الزام لڳائيندي هئي ته سندن ميمبرن کي زراعت وارن جي فون ڪال اچي ٿي ليڪن ڪنھن به سياسي قيادت ڪڏهن به زراعت وارن يا نامعلوم ماڻهن جو نالو نه ورتو ته آخر اھي ڪير آھن. وزيراعظم عمران خان حڪومت ۽ فوج جو ھڪ پچ تي گڏ ھلڻ ۽ ھر وقت جنرل قمر جاويد باجوه جي تعريف ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏيندو هو ليڪن کيس ڄاڻ نه پئجي سگهي ته فوج ، اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي سياست کان غير جانبدار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اھو فيصلو به ان وقت ڪيو ويو ھو جڏھن آئي ايس آئي جي سربراهه جنرل فيض حميد کي ھٽائي جنرل نديم انجم کي ڊي جي آئي ايس آئي مقرر ڪيو ويو جنھن جو ذڪر رٽائر جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر ٿيڻ کان ڪجھه ڏينهن پھرين پنھنجي تقريرن ۾ ڪيو ته فيبروري مهيني ۾ فوج پاڻ کي سياسي معاملن کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. ان کان پھرين ھلندڙ سال مارچ مهيني ۾ عمران خان جي خلاف مخالف ڌر گڏجي بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري ڇڏي هئي ته اسلام آباد جي ھڪ جلسي ۾ عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾  ڪاغذ جو ٽڪرو لھرائيندي چيو ته سندس حڪومت جي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي ان ۾ آمريڪا ملوث آهي اسٽيبلشمينٽ يعني فوج کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نيوٽرل جانور ھوندو آھي انسان نيوٽرل ڪيئن ٿو ٿي سگهي. بعد ۾ عمران خان اڳتي نڪري ڪڏهن جانور ته ڪڏهن امپائر مٿان مير جعفر مير صادق سميت ڪيترن ئي لقبن سان طاقتور قوتن کي سڏيندو رھيو آخر ڪار اقتدار ھٿن مان نڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو جنھن جو ثبوت عوامي موٽ ۾ مليو ۽ ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آھي جو اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. سوشل ميڊيا تي باقاعده مھم شروع ٿي وئي جنهن جو عسڪري ادارن کي نوٽيس وٺڻو پيو ان جي باوجود اھا مھم ختم نه ٿي سگهي. شھباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم اتحاد تي مشتمل حڪومت قائم ٿي وئي ته ان حڪومت کي امپورٽيڊ قرار ڏنو ويو ته اھا حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان وجود ۾ آئي آھي. جنرل باجوه پاڻ تقرير ۾ چيو ته عمران حڪومت کي سليڪٽيڊ ۽ موجوده حڪومت کي امپورٽيڊ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اشارو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن ڪيو پيو وڃي. جنرل قمر جاويد باجوه رٽائرمينٽ کان پھرين 23 نومبر تي يوم شهداءَ جي تقريب ۾ آخري خطاب ڪندي مشرقي پاڪستان ورهاڱي جو ذميوار فوج کي نه پر سياسي قيادت کي قرار ڏيندي چيو ته اھا ناڪامي فوج جي نه ھئي، 90 ھزار نه پر 34 ھزار فوجين ويڙهه ۾ حصو ورتو، ھندستاني فوج جو انگ 2 لک کان مٿي ھو. ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڪار جنرل باجوه ويندي ويندي سياسي قيادت جي مٿان اھڙو الزام لڳائي ھليو ويو ۽ بعد ۾ ھن وقت تائين پيپلزپارٽي جي قيادت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ان معاملي تي ردعمل نه اچڻ به سواليه نشان آهي ڇو ته باجوه جو اشارو ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن ھو جنھن جي مٿان اھو الزام لڳايو پيو وڃي ته “اڌرر تم اڌر ھم”.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ھلندڙ سال اسٽيبلشمينٽ ۽ مخالف ڌر جي درميان تڪراري رھيو آھي جيتوڻيڪ سال جي پڄاڻي ۾ ھڪ مھينو باقي بچيو آهي پر الزامن جي ڊگھي چارج شيٽ سامھون اچڻ جي نتيجي ۾ موجوده ڊي جي آئي ايس آئي جنرل انجم نديم کي پاڻمرادو پھريون ڀيرو ميڊيا جي نمائندن آڏو اچڻو پيو جنھن ڊي جي آئي ايس آئي ٿيڻ وقت فيصلو ڪيو ھو ته ميڊيا تي تصوير يا نالو نه کنيو ويندو پر معاملو ايترو نڪري ويو جو کيس جواب ڏيڻ لاءِ سامھون اچڻو پيو. ان کان پھرين ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڊي جي آئي ايس آئي ميڊيا جي آڏو پريس ڪانفرنس ڪرڻ  ناھي آيو باقي جيستائين فوج جو سياست کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو فيصلو آھي ان جو سڄو دارومدار نئين فوج جي سپهه سالار جنرل سيد عاصم منير جي پاليسين جي دارومدار تي آھي جيڪڏھن واقعي فوج پاڻ کي سياسي معاملن کان  غير جانبدار ڪيو ته خود  اداري جي ساک ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ڪير ان ڳالهه سان اتفاق ڪري نه ڪري جنرل قمر جاويد باجوه جو دور تڪراري رھيو آهي. ڊڪٽيٽر ضياءُ ۽ جنرل پرويز مشرف کان پوءِ سياسي قيادتن کي سول حڪومت جي دور ۾ جيلن ۾قيد ڪيو ويو ليڪن الزام مٿس لڳندو رھيو ۽ فوج کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو منھن به ان دور ۾ ڏسڻو پئجي ويو، باقي نئين قيادت جا نوان فيصلا ۽ وقت ثابت ڪندو ته ڪير ڪيترو غير جانبدار يا نيوٽرل رھي ٿو.

[11:50 AM, 11/30/2022] Hyder Khokhar: ادا سائين جنرل باجوه جي حوالي سان ھڪ ذڪر کلڻ وسري

جنرل قمر جاويد باجوه رٽائر منٽ کان پھرين 23 نومبر تي يوم شهداء جي تقريب ۾ آخري خطاب ڪندي مشرقي پاڪستان ورهاڱي جو ذميوار فوج کي نه پر سياسي قيادت کي قرار ڏيندي چيو ته اھا ناڪامي فوج جي نه ھئي 90 ھزار نه پر 34 ھزار فوجين ويڙهه ۾ حصو ورتو ھندستاني فوج جو انگ 2 لک کان مٿي ھو ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر ڪار جنرل باجوه ويندي ويندي سياسي قيادت جي مٿان اھڙو الزام لڳائي ھليو ويو ۽ بعد ۾ ھن وقت تائين پيپلزپارٽي جي قيادت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو ان معاملي تي ردعمل نه اچڻ به سواليه نشان آهي ڇو ته باجوه جو اشارو ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن ھو جنھن جي مٿان اھو الزام لڳايو پيو وڃي ته اڌھر تم اڌر ھم

اھو ٽڪڙو ڪٿي مناسب لڳائيندا