هراري (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي کان هڪ ٻيو اعزاز کسڻ جي ويجهو پهچي ويو.قومي ڪرڪيٽ ٽيم 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ هن وقت زمبابوي ۾ موجود آهي ۽ بابر اعظم کي ان فارميٽ ۾ پنهنجون 2 هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 60 رنسن جي ضرورت آهي.جيڪڏهن بابر اعظم زمبابوي خلاف اهڙو ڪارنامو انجام ڏئي ٿو ته هو تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويندو.بابر اعظم هيل تائين 49 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 48.50 جي ايوريج سان 1940 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي اهو ڪارنامو 56 ٽي ٽوئنٽي اننگز ۾ انجام ڏنو هو.