ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) مشهور موبائيل گم“ ڪال آف ڊيوٽي” ورلڊ چيمپئن سپ جي ٻين سيزن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. انتظاميا سال 2020ع جي عالمي چيمپئن شپ ملتوي ٿيڻ بعد هاڻ 2021ع جي ليگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ راندين جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر آهي. ايونٽ هلندڙ سال 3 جون کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ سموري دنيا مان نوجوان حصو وٺندا، ڪامياب ٽيم کي 20 لک ڊالرز ڏنا ويندا.