لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي ميمبر شاهد رند پنهنجي ڀائرن ايڊووڪيٽ طارق، شڪيل ۽ وقار  سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لاڙڪاڻي جي ديهه واھ نبي بخش ۾ 52 جريب ۽ باقراڻي تعلقي جي ديهه بقاپور ۾ 80 جريب  زمين ۽ قيمتي پلاٽ آهن، هن الزام لڳائيندي چيو ته لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ لينڊ مافيا آفتاب عرف تائو رند سندس پٽ احسان رند، غفران، بلاول، بابر ۽ فرقان رند کي استعمال ڪندي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،مسئلي جي حل لاءِ شير محمد رند وٽ نوابشاھ ۾ ڳالهين لاءِ وياسين جتي مخالف ڌر نه آئي. چڱي  مڙس اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيندي آفتاب عرف تائو رند ۽ سندس پٽن کي ڪوڙو قرار ڏنو، نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.