سکر/ فيض گنج/ اڪري چودڳي (نمائندن وٽان) اڪري چودڳي ۾ واقع آثار قديمه ليلان جي آتڻ سان هٿ چراند ۽ قبضي ڪرڻ جو ڪيس آرڪيالاجي کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام حسن بڙدي جي فرياد تي گمبٽ ۾ آن ڊيوٽي نيورو سرجن ڊاڪٽر صفدر آرائين، سندس ڀاءُ ڊاڪٽر اعجاز آرائين ۽ تصدق حسين آرائين سميت 5 نامعلوم تي اڪري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ڪيس جي متن ۾ فريادي موجب ڄاڻايل جوابدارن هٿيارن جي زور تي قديمي آثارن ليلان جي آتڻ جي 32ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري بلڊوز ڪري قديمي آثارن کي نقصان پهچائي رهيا آهن، واضح رهي ته ليلا جا آتڻ تي مبينا طور بااثر ڊاڪٽر صفدر آرائين قبضو ڪري زمين آباد ڪرڻ شروع ڪئي هئي، پنهنجي اخبار ۾ خبر لڳڻ بعد آرڪيالاجي کاتي، سياسي سماجي ڌرين مظاهرا ڪيا هئا. هوڏانهن ليلا جي آتڻ تي قبضو ڪندڙن تي ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ان کان اڳ جسقم ڪارڪنن امجد مهيسر جي اڳواڻي ۾ اڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو هو. ٻئي طرف سکر پريس ڪلب ۾ آرڪيالاجي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر، ايڊووڪيٽ نور محمد تنيو سيڪريٽري جنرل مھراڻ ادبي ۽ ثقافتي فورم، نامور وڪيل ھادي بخش ڀٽ ۽ ڊاڪٽر نذير کوکر پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته تاريخي ماڳ جي ايراضيءَ تي ڊاڪٽر صفدر آرائين ۽ ٻين قبضو ڪيو آھي. جن جي پٺيان بااثر شخص مجيد آرائين جو ھٿ آھي.ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل مجيد آرائين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون کي ان مامري ڄاڻ ناهي، اسلام آباد ۾ ويٺو آهيان، ڊاڪٽر صفدر آرائين کي چڱي ريت سڃاڻان، هو ذميوار ماڻهو آهي، اهڙو ڪو غلط ڪم نه ٿو ڪري سگهي