حيدرآباد / مسوڀرڳڙي (نمائندا) حيدرآباد جي هٽڙي واري علائقي ۾ مبينا طور نينگر گٽر نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته 5 سالن جي نينگر سجاد پنهور کي گذريل ڏينهن صبح جو سندس وارث بيهوشي واري حالت ۾ سول اسپتال کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ابتدائي طور ڊاڪٽرن کي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته سجاد راند کيڏڻ دوران گهر ٻاهران گٽر نالي ۾ ڪري بيهوش ٿيو هو. حالت خراب هئڻ سبب کيس علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن پاران تصديق بعد نينگر جا وارث سندس لاش بنا پوليس ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم جي پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. رابطو ڪرڻ تي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.