ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ پهاڙ مريءَ ۾ ٻارن جي ڳالھه تان جهيڙو، سروٽا لڳڻ سبب عورت زخمي ٿي پئي. عورت جي والد الهجڙيو ميمڻ ٻڌايو ته ڳوٺ پهاڙ مريءَ ۾ اسحاق ميمڻ ۽ سندس پٽ منهنجي نياڻي رضوانا کي سروٽا هڻي زخمي ڪيو آهي. متاثر عورت ۽ سندس والد الهجڙيو جي فرياد تي اسحاق ميمڻ ۽ سندس پٽ خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.