آءِ بي اي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر انتظاميا جي شوڪاز نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

0
493

سکر (رپورٽر) آءِ بي اي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر انتظاميا جي شوڪاز نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، حسين صديقي طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ شوڪاز نوٽيس خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي، جڏهن ته عدالت شوڪاز نوٽيس تي ڪارروائي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ حسين صديقي موقف اختيار ڪيو آهي ته آءِ بي اي سکر جي انتظاميا طرفان ملازمه بختاور سومرو کان زبردستي مون خلاف بيان ڏياريو ويو، ايس ايس پي سکر عرفان سمون به بختاور سومرو کي ڌمڪيون ڏنيون، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، وي سي آءِ بي اي يونيورسٽي، رجسٽرار ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون کي ڌُر بڻايو ويو، عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڌُرين کان 20 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو.