ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ٺل ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو هوا سبب سائين بورڊ ۽ ڇپرا ڪري پيا جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو بجلي تي هلندڙ ڪاروبار خاص ڪري درزي سخت متاثر ٿيا. ٻئي طرف بڊاڻي ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، جڏهن ته برسات سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي. هوڏانهن غوثپور ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو وسڪارو موسم خوشگوار بڻجي وئي. ٻئي طرف مبارڪپور ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ تيز هوا سان گڏو گڏ مٽيءَ جو طوفان هوٽلن ۽ گهرن مٿان رکيل سولر پلٽون ۽ ٺهيل ڇپرا ڪري پيا.هوڏانهن قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي مختلف علائقن ۾ مٽي جو طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات پئي، جنهن دوران بجلي غائب مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو. ٻئي طرف ٺري ميرواھ جي مختلف علائقن اوچتو هلڪي برسات پوڻ بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي ويو جڏهن ته برسات پوڻ بعد ٺري ميرواھ گرڊ اسٽيشن جا 3 فيڊر ٽرپ ٿي ويا.