اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رويت هلال ڪاميٽي رات دير سان شوال جو چنڊ نظر اچڻ ۽ اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ڄي ملڪ ۾ اڄ عيد ملهائي ويندي، ڪالهه مرڪزي رويت هلال ڪاميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وزارت سائنس، موسميات کاتي جي نمائندن به شرڪت ڪئي، سڄي ملڪ مان چنڊ نظر اچڻ بابت مليل شهادتن تي وڏي وقت تائين بحث ڪيو ويو جنهن ڪري رات ساڍي 11 وڳي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس تقريبن 5 ڪلاڪ جاري رهيو، ذريعن موجب بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي کان مليل شهادتن تي ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ اختلاف ٿيا، ملڪ جي مختلف شهرن مان ملندڙ شهادتن جي بنياد تي اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، رات دير سان رويت هلال ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد پريس ڪانفرنس ڪندي چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته عيد الفطر اڄ خميس ڏينهن ملهائي ويندي، مرڪزي رويت هلال ڪاميٽي کي 21 مرڪزي 6 زونل شهادتون مليون آهن. هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، هٿ ملائڻ بدران پري کان صرف سلام ڪيو وڃي، سيني تي هٿ رکي ملي سگهجي ٿو، سماجي فاصلو رکيو وڃي.