اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو آهي ته مرڪزي ڪاميٽي جي فيصلي کان اڳ عيد يا رمضان جو فيصلو ڏيڻ حڪومتي شخصيت لاءِ مناسب ناهي، ٽوئيٽ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو متعين ادارو ۽ جيد عالم سڳورن سميت ٻي نمائندگي موجود آهي، هن چيو ته پهريان ئي شرعي حڪم جو فيصلو ڏيڻ ديني معاملن جو مذاق اڏائڻ برابر آهي. هوڏانهن علي محمد خان ٽوئيٽ ڪندي چيو ته عيد جو چنڊ هڪ ديني مسئلو آهي، انشاءَالله بهتر نتيجو نڪرندو، اهم ۽ حساس معاملي تي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دعا آهي ته قوم هڪ ئي ڏينهن عيد ڪري ۽ هڪ ئي ڏينهن روزا رکي.