ملتان(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي سربراهه کي ڪشمير لاف ڳالهائڻ جو اختيار ڪنهن به ناهي ڏنو، هو ٻين ڪور ڪمانڊرز کي به شامل ڪري ڪشمير خلاف ڳالهائي رهيو آهي ان تي شرم اچڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وقت اچي رهيو آهي ته ادارن جي سربراهن کي ماڻهو ڳچي کان پڪڙي روڊن تي گهليندا، انهن کي به جيڪي رٽائر ٿيڻ بعد آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ٻيٽ خريد ڪري رهن پيا. هن چيو ته هنن 30 سال سڌي طرح ۽ 20 سال اڻ سڌي طرح ملڪ تي حڪومت ڪئي آهي ان جو ته حساب ڏين. رٽائرڊ جنرل جي اثاثن کي پڌرو ڪيو وڃي، سعودي عرب جي دوري کان اڳ به آرمي چيف اتي پهچي ويو، اهو سندس ڪم نه آهي، اها آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو کليل نموني ڪنهن به سي اين سي مداخلت ناهي ڪئي، سڄي حڪومت ئي جنرل هلائي رهيو آهي. هن چيو ته عدالتن ۾ ڪيس هلايو وڃي ته جنرل صاحب کي سڀ کان وڏي سزا ملي سگهي ٿي. هي سروي ڪرائي اليڪشن ۾ ڪنهن کي پهرئين ۽ ڪنهن کي آخري نمبر تي ڏيکاريندا آهن چونڊن جا نتيجا 10 ڏينهن اڳ تيار ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ايندڙ چونڊن جو نظام به هڪ طاقتور اداري جي سربراهه جوڙي ورتو آهي. نوازشريف جي باري به چيو ويو ان جي مستقبل جو هڪ طاقتور اداري جي چيف کان پڇو. ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ لبيڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف کي سيٽون ڏنيون وينديون، ايندڙ چونڊون تحريڪ انصاف، نواز ليگ يا پ پ وچي ۾ نه ٿينديون.