کھڙا (رپورٽ: لياقت علي چنا ) کھڙا لڳ اڄڻ- ڪليري تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، پوليس جو ڪليري ڳوٺ تي 4 ڏينهن کان ڪڙو برقرار، اڄڻ محلي ٻاهران 3 هفتن کان پوليس پڪتون قائم ، مقتول شهزادو اڄڻ جي قتل ڪيس ۾نامزد ٻن جوابدارن گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. ڪليري ڌر پاران اڄڻ برادري جي ماڻهن تي 5 نينگر اغوا ڪرڻ جو الزام، جهيڙيندڙ ڌريون مورچا بند. رپورٽ موجب کھڙا لڳ اڄڻ – ڪليري ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار ۾ ٺاپر ناهي اچي سگهي. علائقي ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضلعي خيرپور جي ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس جو ڪليري ڳوٺ تي 4 ڏينهن کان ڪڙو برقرار رهيو. جڏهن ته کھڙا شھر ۾ اڄڻ برادريءَ جي ميان علي ڏنو اڄڻ جي فقير محلي ٻاهران 3 هفتن کان مسلسل پوليس پڪتون قائم آهن. هوڏانهن 4 ڏينهن اڳ ڊرٻ ميهر شاھ لڳ وانڍ اڄڻ ۾ قتل ٿيل نوجوان شهزادي اڄڻ جي قتل ڪيس ۾نامزد ٻن جوابدارن يعقوب ۽ هڪ نامعلوم کھڙا پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري کي راز ۾ رکيو آهي. ٻئي پاسي ڪليري برادري جي ماڻهن اڄڻ ڌر مٿان 5 نينگرن کي اغوا ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. جهيڙيندڙ ڌريون بدستور مورچا بند آهن. ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڇانيل آهي. ڪليري ڌر جي صابر ڪليري ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته اڄ اڄڻ برادري جا ماڻهو درگاھ عبد الله شاهه تان ننگر کڻي ايندڙ 10 کان 15 سالن جي 5 نينگرن جعفر علي، ضمير احمد، حسن، ارمان ۽ سليمان ڪليري کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل ڇوڪرا بازياب ڪرائي ڏنا وڃن. هوڏانهن ايس ايچ او کھڙا اختيار علي مڱرئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڇوڪرا اغوا ناهن ٿيا، عبدالله شاهه جي درگاهه تي ننگر کائڻ ويا هئا، کين پوليس موبائيل ۾ کڻي ڳوٺ پهچائي آيا آهيون.