ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) کنڀيلن واري ڪيس ۾ اڳڀرائي، 2 سالن اڳ گم ڄاڻايل ثمرين سکر ۾ پسند جو پرڻو ڪري ورتو، پوليس ثمرين جي  مڙس سڪندر شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران پوليس هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته گم ٿيل  ڄاڻايل  ثمرين سکر ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، پوليس ثمرين کي آزاد ڪرائي سندس مڙس سڪندر شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، هوڏانهن عزيز آباد مان گم ٿيل عبدالصمد ٻن سالن کان بازياب نه ٿي سگهيو، عدالت لاڳاپيل پوليس آفيسرن  کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.