ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص لڳ ڳوٺ امام بخش لغاري ۾ شادي جي پھرين رات پسند جو پرڻو ڪندڙ گھوٽ صابر کوکر جو ڪمري مان گولي لڳل لاش ھٿ اچڻ واري واقعي جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ٿي وئي آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص ٻڌايو ته رپورٽ ۾ واضح ٿي ويو آھي ته گھوٽ کي سامھون سيني ۾ ويجھو کان گولي لڳل آھي، واقعي بابت ڪنوار جو بيان سچو ثابت ٿيو آهي، هن چيو ته پوليس قتل جھڙي ڪيس ۾ ڪنھن به ماڻهو کي بيگناهه چالان نه ڪندي، ڪنوار جي ڏنل بيان کي رڪارڊ ۾ رکي ڪيس داخل ڪيو ويندو، ايس ايس پي موجب واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل راجا جو ھو، سندس خلاف غير قانوني ھٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، واضح رهي ته ڪنوار سائرهه بيان ڏنو ھو ته مڙس کي ڪنھن به قتل ناھي ڪيو، شادي جي پھرين رات هن هم بستري نه ڪرڻ تان ڪاوڙجي پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو.