ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ شھمير رند ۾ڏيڍ ميھني دوران 7 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بابت پنهنجي اخبار ۾ خبر لڳڻ بعد صحت واري صوبائي وزير نوٽيس ورتو، جنهن بعد ڊي ايچ او ميرپورخاص ڊاڪٽر جئرامداس جي اڳواڻي ۾ ڊبليو ايچ او، اي پي آءِ، ڊي جي ھيلٿ، ڊي ايچ او جي ڊاڪٽر پرڀات گر، ڊاڪٽر الھڏنو لغاري، ڊاڪٽر صوفي راج ڪمار ۽ ٻين ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين تي ٻڌل ٽيم متاثر ڳوٺ پھتي، جتي ھنن 7 معصوم ٻارڙن جي بيماري ۾ فوت ٿيڻ بابت وارثن کان تفصيل ورتا، ٽيم مبتلا ٻارن جي چڪاس ڪئي ۽ رت جا جزا ورتا، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊي ايچ او چيو ته ڊي جي ھيلٿ ۽ اسان پاران ٽيم ٺاهي وئي آهي، جنهن متاثر ڳوٺ پهچي جاچ ڪئي ۽ ٽيسٽون ڪيون آهن، ٻئي پاسي متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ڪا به خبر نٿي پوي ته ھلڪو بخار، کنگهه،سھڪو ٿيڻ ڪري اسان جا 7معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن، جڏهن ته ڪيترائي مبتلا آهن، ڊاڪٽرن جي ٽيم ۾ ٻيا شامل ھئا.