مريد شاخ (ن پ ا) مريد شاخ ۽ ڀرپاسي ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار ٿي ويو. آبادگارن لابارن ۾ تيزي آڻي ڇڏي. جڏهن ته نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ به شروع ٿي وئي آهي.  سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 4000 رپيا مقرر ته ڪري ڇڏيو آهي پر هن مهل تائين خريداري سينٽر کلي نه سگهيا، جنهن ڪري آبادگار سستي ريٽ تي ڪڻڪ واپارين کي ڏيڻ تي مجبور ا آهن. ان حوالي سان آبادگارن عابد شر، شفيق ش، حاڪم ۽ ٻين پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن جي ڪابه سهائتا نه ڪئي. وياجين کان قرض وٺي ڪڻڪ جو ٻج ڀاڻ کڻي ڪڻڪ پوکي سين. سرڪار پاران ڪنهن به قسم جو سهڪار نٿو ڪيو وڃي. مريد شاخ ۽ ڀرپاسي سرڪاري سطح تي ڪڻڪ خريداري سينٽر نه کلي سگهيا آهن. ان ڪري آبادگار واپارين کي 3000 کان 3500 في مڻ ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. آبادگارن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ڪڻڪ خريداري مرڪز کولي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.