اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، ڏسون ٿا بدلَي ۾ ڇا ٿا ڏئي سگهون: فواد چوڌري

0
227
اسپيڪر جو فيصلو حتمي
اسپيڪر جو فيصلو حتمي، ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نٿوڪري سگهجي: فواد چوڌري

ڪراچي: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، ڏسون ٿا بدلَي ۾ ڇا ٿا ڏئي سگهون، بي اعتمادي رٿ کانپوءِ حڪومت ۽ اپويشن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي

 ائين نه ٿئي جو ووٽنگ واري ڏينهن ڪجهه اهڙو ٿئي، جنهن جو نقصان پاڪستان کي ٿئي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته بي اعتمادي رٿ کان اڳ ايمرجنسي ڊڪليئر ڪرڻ جو جواز ناهي

ھن چيو تھ 18هين ترميم بعد وفاقي حڪومت وٽ اختيار محدود آهن، خريد ۽ فروخت وارو ڪم بند ڪيو وڃي، پنجاب ۾ مقابلو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ آهي، پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جو ڪو به موقعو ناهي

 نواز شريف پنهنجي سٺن وقتن ۾ ڏکئي وقت ۾ پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا، سندس 1988 جي سياست تي نظر وجھو، جيئن تھ همايون اختر گروپ تي نظر وجهو، جيڪي ق ليگ مان نواز ليگ ۾ ضم ٿي ويا، جڏهن ٽڪيٽن جي ڳالهه آئي ته اهي ڦري ويا، همايون اختر اڃا تائين نواز شريف سان ٿيل معاهدو کنيو گھمندو وتي ٿو

ھي به پڙھندا

بليڪ ميلنگ ۾  نه اينداسين، اپوزيشن کي عوام جو نه پر ڪرپشن ۽ پنهنجي ڪيسز جو فڪر آهي: وزيراعظم