سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وقتي وي سي احمد سلطان جتوئي جا گرفتاري وارنٽ جاري

0
302
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وقتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ اينيمل پروٽيڪشن اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي سڪرنڊ جي وي سي شپ تي تڪرار واري مامري تي وي سي فاروق حسن شاھ پاران توھين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي

عدالت وقتي وي سي احمد سلطان جتوئي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي لاڳاپيل ايس ايس پي کي  وقتي وائيس چانسلر  سلطان جتوئي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کي  16مارچ تائين توھين عدالت جا به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

وي سي فاروق شاهه موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت 45 ڏينھن جي جبري موڪل تي اماڻيو ھو، عدالت سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي معطل ڪري وي سي طور ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ھو

وقتي وي سي احمد سلطان عدالت حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي درخواست گزار فاروق شاھ چارج نگ پيو ڏي

 وڪيل زرار قادر شورو چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا عدالتي حڪمن تي عمل ن پيا ڪن، اختيارين خلاف توھين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي

جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ چيو ته جيڪو آفيسر عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪندو ان خلاف ڪارروائي ڪنداسين، عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ٻنھي وقتي وي سيز کي 16 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري بورڊز اينڊ يونيورسٽيز به اربع ڏينھن پيش ٿين

ھي به پڙھندا

سنڌ ھاءِ ڪورٽ وقتي وي سي حاڪم ابڙو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا