ٺل ۾ يتيم نينگري سان مبينا ڏاڍائي جو انڪشاف

0
213
ٺل ۾ يتيم نينگري سان

ٺل ۾ يتيم نينگري سان

ٺل (ن پ ا) ٺل جي صديق نوناري جي پل پاڙي ۾ 15 ورهين جي يتيم نينگري فرزانه ڌي محمد لاشاري سان مبينا ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي

ڏاڍائي جو شڪار نينگري فرزانه لاشاري جو چوڻ آهي ته مون کي ماسات وريام ۽ ماسي تاجل خاتون گهران وٺي زبردستي زيادتي ڪرائي، وريام هٿ ٻڌا ۽ ٻئي ٻٽ ٻڌل همراهه ڏاڍائي ڪئي

متاثرا نينگري جي وارثن ٿاڻي آڏو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، جنهن بعد پوليس نينگري کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهرن تي چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ نه آيام کين جلد گرفتار ڪيو ويندو