بيجنگ(دلچسپ نيوز) اٺن کي حادثن کان بچائڻ لاءِ جديد لائٽس لڳايون ويون. خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي شهر ڊنهوانگ ۾ جابلو رستي تي جديد نظام لڳايو ويو. ڊنهوانگ تفريحي هنڌ هجڻ سبب سياحن جي اچ وڃ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اتي هر وقت وڏي رش لڳل هوندي آهي جڏهن ته علائقي ۾ اٺن جي گهڻائي سبب حفاظت لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي. انتطاميا جو چوڻ آهي ته ان جديد لائٽس جا سگنل اٺن جي آمد وقت خاص اشارا ڏين ٿا جنهن سبب ٽريفڪ کي روڪيو وڃي ٿو.